ٽنڊوباگو (اسپورٽس) ٽنڊوباگو جي مير غلام محمد خان ٽالپر گرائونڊ تي شروع ٿيل آل سنڌ شهيد عبدالله مراد چئمپين ٽرافي ٽورنامينٽ جي پهرين سيمي فائينل ميچ ۾ ايم جي ايم فوٽبال ڪلب ٽنڊوباگو ۽ ڀٽي فوٽبال ڪلب ڪنري وچ ۾ مقابلو ٿيو. ميچ ۾ ايم جي ايم فوٽبال ڪلب ٽنڊوباگو جي ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 5 گول ڪري ڀٽي ڪلب ڪنري کان ميچ کٽي فائينل ۾ پهچي وئي. ڀٽي ڪلب جي ٽيم  هڪ به گول ڪري نه سگهي. ايم جي ايم ٽنڊوباگو جي رانديگر نعمان خاصخيلي 3 گول ڪري بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. اڄ جمع ڏينهن ٽورنامينٽ جو ٻيو سيمي فائنل ڄامشورو ڪلب ۽  ڪوٽ غلام محمد جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.