ٽنڊوالھيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيارميونسپل ڪاميٽي  جي اڳوڻي چيئرمين سيد امداد شاھ خلاف  اغوا ۽ جعلسازي جا ڪيس داخل، ان ڏس ۾ تعلقي جھنڊو مري جي ڳوٺ يار محمد ٿيٻو جي رھواسي انور علي ولد مبارڪ علي ٿيٻو، ڊاسوڙي ٿاڻي تي ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوالھيار جي اڳوڻي چيئرمين سيد امداد شاھ خلاف پنھنجي ڀاءُ افضل عرف منو ٿيٻو کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي تہ منهنجو ڀاءُ سيد امداد شاھ رضوي وٽ گذريل ھڪ سال کان ڪم ڪري رهيو هو، جيڪو گذريل مھيني گھر آيو، جنهن بعد امداد شاھ رضوي ميرپورخاص وايہ ٽنڊوآدم روڊ پنهنجي گاڏي ۾ اسان جي ڳوٺ آيو ۽ منهنجي ڀاءُ کي اغوا ڪري پنهنجي گاڏي ۾ سوار ڪري وڃي رهيو هو تہ مون کيس روڪيو تہ سيد امداد شاھ پنهنجي گاڏي مان لھي آيو ۽ ساڻس گڏ 2 نامعلوم ھٿيار بند پڻ گڏ ھئا مون سان بداخلاقي ڪئي ۽ گڏوگڏ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، اھڙي درخواست تي ڊاسوڙي ٿاڻي جي ايس ايچ او فريادي انور ولد مبارڪ ٿيٻو جي فرياد تي سيد امداد شاھ رضوي خلاف گناھ نمبر 32 قلم 341، 344،506، / 504، 34 پي پي سي جي تحت ڪيس داخل ڪيو آهي، ٻي پاسي نصرپور ٿاڻي تي فريادي شاھد حسين ميرجت جي فرياد تي گناھ نمبر 33 قلم 506 جي تحت امداد شاهه خلاف جعلسازي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن تہ ھڪ ٻيو ڪيس ٻي ٿاڻي تي پڻ داخل ٿيڻ جا اطلاع آهن.