ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ ٻئي ڏينھن به ايڪتا جا رنگ جهرڪندا رهيا، ان ڏس ۾ گورنمينٽ جامع مليه ھاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن ايڪتا ڏھاڙو ملھايو، جنھن ۾ شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي جھمريون ھنيون، ان موقعي ھيڊ ماستر لياقت چانڊيو، فضل الله عمراڻي، تاج محمد مھر، اسماعيل خاصخيلي ۽ ٻين  خطاب ڪيو، ٻئي طرف شاگرد اتحاد پاران عمير بهڻ، عبدالڪريم  جوڻيجو، بلاول انڙ، عرفان کوسو، محسن سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڪتا ريلي ڪڍي وئي.