ٽنڊوآدم/ ڄام نواز علي (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي مشهور وڪيل جو لاش جمڙائو ڪئنال مان هٿ، لاش 4 ڪلاڪن کان پوءِ هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ، علائقي ۾ بيماري کان تنگ اچي آپگهات جا چوٻول. ٽنڊوآدم جي ڳوٺ پيرل ماڪوڙاڻي واسي 45 ورهين جي مشهور وڪيل امام الدين ماڪوڙاڻي جو لاش جمڙائو ڪئنال مان ميرپور خاص لڳ ڏهه دري موري وٽان هٿ آيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو. جنهن بعد وارثن اڳوڻي يوسي ناظم حاجي عبدالرزاق ماڪوڙاڻي ، محمد رفيق ، ڊسٽرڪٽ بار ايسو سي ايشن سانگهڙ جي صدر الطاف حسين جوڻيجو ۽ ٽنڊوآدم بار جي صدر عبدالله خٽڪ وصول ڪيو، جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ وارث تعلقه اسپتال ڄام نواز علي کڻائي آيا جتي سهولتن جي اڻهوند سبب لاش کي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس پوسٽ مارٽم ڪري ابتدائي رپورٽ موجب فوتي جو موت ٻڏي مرڻ سبب ٿيو آهي ۽ سندس جسم تي تشدد جا ڪي به نشان ناهن. ان سلسلي ۾ فوتيءَ جي وارثن حاجي عبدالرزاق ماڪوڙاڻي ۽ ٻين فوتي وڪيل جي قتل جو شڪ ڏيکاريندي ٻڌايو آهي ته فوتيءَ جو لاش سندس ماساتن جي ڳوٺ جي ڀر مان مليو آهي جيڪو ميرپور خاص لڳ آهي ۽ لاش جي ان ڳوٺ پهچڻ تي شڪ آهي ته کيس قتل ڪري سندس شلوار، چپل ۽ موٽر سائيڪل وري دلور موري وٽ ڇڏي ويا هجن. هنن واقعي جي جاچ جي گهر ڪئي آهي فوتي وڪيل پرڻيل هو ۽ کيس هڪ نياڻي جو اولاد آهي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته وڪيل بيماريءَ کان تنگ ٿي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي.