ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس آڏو مختلف علائقن جي برسات متاثر عورتن ۽ مردن واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري کنڊو روڊ بلاڪ ٿي ويو، ان موقعي تي جوهر لعل باگڙي، سڪيلڌو ڪوري، ڀورو خاصخيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سرڪار پاران قائم ڪيل اسڪولن جي ڪيمپن ۾ ويٺل آهيون، جتي سرڪار پاران ماني ڳڀو به نٿو ڏنو وڃي، رڳو هڪ ٽائيم چانور کارايا وڃن ٿا، جنهن ڪري ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرائي سهائتا ڪئي وڃي،