ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي ٻن عورتن سميت 4 ڄڻن پاران خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش، اسپتال داخل. ٽنڊوآدم ۾ 25 سالن جي نوجوان ممتاز ولد بھاول، 20 سالن جي شريمتي گالي زال سترام، ڳوٺ ملوڪ ملوکاڻي ۾ 18 سالن جي شھزادي ڌيءُ گل ۽ ڳوٺ ليمون فقير جوڻيجو ۾ 30 سالن جي بلال ولد علي حسن گھرو مسئلن سبب ڌار ڌار زھريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم ۾ داخل ڪيو ويو.