ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽي ڏينھن اڳ مٽياري ۾ ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ٽنڊوآدم واسي نوجوان وقاص غوري زخمن جي سٽ نه سھندي ايل ايم يو حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو، جنھن جو مڙھ ٽنڊوآدم سندس گھر آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو. واضح رھي ته حادثي وقت ساڻس موٽرسائيڪل تي گڏ نوجوان حيدر علي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ھو. ٻئي طرف موٽرسائيڪلن جي مختلف ٽڪرن ۾ عبدالله، توحيد، امر لعل، عبدالواسب، مسمات زليخان، فيضان ۽ مجيد زخمي ٿي پيا، ڳوٺ محمد لاشاري ۾ نوجوان چنيسر ولد غلام حيدر ڪتر مشين ۾ ھٿ اچڻ سبب زخمي ٿي پيو.