ٽنڊوآدم ( ن پ ا ) ٽنڊوآدم جي دستگير ٽائون ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان ملوکاڻي ۽ ڀنڀرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران مارجي ويل 70 ورهين جي ماڻڪ ڀنڀرو ۽ سندس ڀائيٽي چنگل خان ڀنڀرو جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي مقتول جي پٽ دل قرار ڀنڀرو جي فرياد تي ٽن ڀائر جوابدارن عاشق علي، معشوق علي ۽ اميد علي ملوکاڻي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ايف آءِ آر ۾ نامزد 2 جوابدارن عاشق علي ۽ معشوق کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر سندن گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي.