ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ويجهو غربت سبب 7 ٻارڙن جي پيءُ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب لانڍي روڊ تي واقع درگاھ پوپٽ پير قبرستان ۾ ڪنڊياري واسي 7 ٻارن جي پيءُ مٺو ولد ويھو ڪولھي گهر ڀرسان وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وڻ ۾ ٽنگيل لاش لھرائي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم آندو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش اباڻي قبرستان ڪنڊياري کڻائي ويا، معلوم ٿيو آھي ته فوتي مزدوري ڪندو ھو ۽ کيس 5 پٽن ۽ 2 نياڻين جو اولاد آهي، ڪالهه سندس گھر واري ڌرمي گهر جو راشن وٺي اچڻ جو چيو پر هن وٽ پئسا نه هئا، جنهن تان ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو، بعد ۾ همراهه گهران نڪري هن ڦاهو کائي انتهائي قدم کنيو،