ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم سٽي پوليس پاران 2 هفتا اڳ پوليس مقابلي ۽ ناجائز هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ايس يو پي اڳواڻ منٺار چولياڻي جي هڪ لک مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي. منٺيار چولياڻي جي آزاد ٿيڻ بعد منٺار چولياڻي، ايس يو پي اڳواڻن ڪامريڊ محمد خان پنهور، امداد چانڊيو، سرور ابڙو، انور پنهور ۽ ٻين سان پريس ڪلب پهچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ۽ دانهيو ته پوليس ايس يو پي اڳواڻ کي هاف فراءِ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو.