ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ويجھو ڳوٺ حاجي عرس ٻجورو جديد دور ۾ به بنيادي سھولتن کان محروم، جر جو پاڻي زھريلو هجڻ سبب ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا، ضلعي انتظاميا وٽ دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو. ٽنڊوآدم ويجھو قديمي ڳوٺ حاجي عرس ٻجورو هن سائنسي ۽ جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي ڳوٺ ۾ جر جو پاڻي زهريلو بڻجي ويو جنهن سبب ڳوٺاڻا ٽي بي، شوگر، ڪاري ڪامڻ سميت مختلف موذي مرضن ۾ وڪوڙجي ويا. ڳوٺاڻا روزانو ڪيترا ڪلو ميٽر پنڌ ڪري پري پري کان مٺو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن مقبول ٻجورو، بابر ٻجورو، غلام رسول ٻجورو، خان محمد ٻجورو، قربان علي ٻجورو، جنيد ٻجورو، محمد خان ٻجورو دانهيندي چيو ته دنيا گلوبل وليج بڻجي وئي آهي پر اسان جو ڳوٺ پيئڻ جي مٺي پاڻي، گئس، روڊ سميت بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ کان ڪجهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تان گئس نڪري ٿي پر اسان ان سهولت کان محروم آهيون. هنن چيو ته اسان ڊي سي سانگهڙ کي ڪيتريون ئي درخواستون ڏنيون آهن پر اڃان تائين اسان جي ڪا به واهر ناهي ٿي . هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽ لڳائي ڏيڻ سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.