ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ ڪٽ ڏئي پاڻي شهر طرف لوڙهڻ بابت سي ايم او جي داخل درخواست تي ٻڌڻي، پوليس پاران عمير قادر جوڻيجو کي واقعي کان آجو قرار ڏئي رپورٽ پيش، آبادگارن پاران زمينن مان پاڻي نه ڪڍڻ  تي انتظاميا خلاف درخواست داخل، رپورٽ موجب شهر کي بچائڻ لاءِ ڏنل بند وٽان روڊ کي 2 ڪٽ ڏئي برساتي پاڻي شهر ۾ ڇڏڻ خلاف سي ايم او باقر بروهي پاران يو سي مٺو کوسو جي نئين چونڊيل چيئرمين عمير قادر جوڻيجو خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي سول جج فرحاز احمد ميمڻ جي عدالت ۾ ٿي، ڊي ايس پي ٽنڊوآدم اظهار حسين لاهوري لکت ۾ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندي عمير قادر جوڻيجو کي آجو قرار ڏنو ويو، رپورٽ ۾ ڊي ايس پي ڄاڻايو آهي ته  برساتن ۾ گهڻو پاڻي جوڻيجو جي زمينن تي بيهي رهيو، جيڪو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڏيرن ۽ جوڻيجن جي نيڪ مردن جي موجودگي ۾ اڳوڻي ڊي سي سانگهڙ نثار احمد ميمڻ اهو طئي ڪيو ته اهو پاڻي 15 ڏينهن اندر ڪڍي  ٽنڊوآدم برانچ ۾ ڇڏيو ويندو پر 2 مهينا گذري وڃڻ باوجود اهو پاڻي نه ڪڍيو ويو، هن وقت ڊي سي سانگهڙ جي حڪم تي 2 گنديون روڊس کاتي وارن پاڻ لڳرايون آهن، ان پاڻي جو نيڪال جمن شاهه ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي ۽ ڍنڍ مان پاڻي ٽنڊوآدم برانچ ۾  نيڪال ڪيو پيو وڃي، معاملي سان عمير قادر جوڻيجو جو ڪو به واسطو نه آهي، ميونسپل جي وڪيل شير علي بهڻ عدالت آڏو موقف رکيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر جو ايس ايس پي سانگهڙ کي لکيل خط جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڄاڻايو آهي ته باءِ پاس روڊ ۾ ڪٽ ڏئي پاڻي جمن شاهه ڍنڍ ۾ ڇڏيو پئي ويو جڏهن آئون پوليس سان گڏجي ايڪسيويٽر کڻي بند ڪرائڻ پهتس ته ڪاڪو مري، پانڌي خان ۽ 100 کان وڌيڪ نامعلوم ماڻهن ايڪسيويٽر جا شيشا ٽوڙي ڊرائيور کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪيو، پوليس انهن کي گرفتار نه ڪيو، ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن آبادگارن عمران جوڻيجو، غلام محمد ميمڻ، غلام حسين مري، يوسف مري ۽ ٻين سول ڪورٽ ٽنڊو آدم ۾ درخواست داخل ڪندي ڄاڻايو آهي ته برساتن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو پاڻي اسان جي زمينن ۾ ٽن مهينن کان بيٺل آهي، جنهن ڪري فصل تباھ ٿي ويا آهن ۽ انهن جو  معاوضو نٿو ڏياريو وڃي، پاڻي  فوري طور ڪڍرايو وڃي ته جيئن اسان ڪڻڪ جو فصل پوکي سگهون،  عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.