ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ پورهيو ڪندڙ نينگر سان جوابدارن پاران بدفعلي جي ڪوشش، مزاحمت تي ويهڪ واري جاءِ تي سيون هڻي تشدد جي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، وارثن پاران انصاف جي گهر، ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار. ٽنڊوآدم جي وارڊ هڪ جي ڳوٺ خير محمد مري ۾ چوڙين جي گدام ۾ ڪم ڪندڙ 11 ورهين جي پورهيت نينگر محمد عديل پٽ جميل ملڪ کي گدام اندر يرغمال بڻائي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن نينگر کي پڪڙي سندس ويهڪ واري جاءِ تي سيون هڻڻ شروع ڪيون ته نينگر رڙيون ڪندو رهيو ۽ جوابدار سندس وڊيو ٺاهيندا رهيا ۽ ڪافي دير تشدد بعد کيس ڇڏي ڏنو ۽ وڊيو وائرل ڪري ڇڏي جيڪا مائٽن تائين پهچڻ بعد وارث نينگر کي وٺي پريس ڪلب پهتا متاثر نينگر ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته آئون چوڙين جي فيڪٽري جي گدام ۾ پورهيو ڪندو آهيان فيڪٽري مالڪ نعمان راجپوت پنهنجي ساٿي بلال سان گڏجي مون سان بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انڪار تي هنن مون کي ويهڪ واري جاءِ تي سيون هنيون ۽ وڊيو ٺاهي وائرل ڪري ڇڏي. هن اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي. جڏهن ته وارثن پاران سٽي ٿاڻي تي واقعي بابت درخواست ڏيڻ بعد اي ايس پي جي حڪم تي سٽي پوليس متاثر نينگر جي پيءُ جميل ملڪ جي فرياد تي ٻنهي جوابدارن نعمان عرف نومي ۽ بلال تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته نينگر کي علاج لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي.