لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) هڪ برطانوي وزير قوم کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن کين ٽماٽا ۽ کيرا نٿا ملن ته اهي گوگڙو کائين. عالمي خابرو اداري موجب برطانيا ۾ ميون ۽ ڀاڄين جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جنهن ڪري عوام هڪ کان ٻئي شاپنگ مال يا اسٽور تي ڌڪا کائي رهيا آهن. يورپي يونين جي سربراهه ارسلا وان ڊيريليين سرڪاري دوري تي لنڊن پهتو ته ميون۽ ڀاڄين جي کوٽ سبب پريشان ماڻهن مٿس سوشل ميڊيا تي ٽوڪون ڪيون ۽ چيو ته ڇا توهان اسان لاءِ ٽماٽا آڻي سگهو ٿيون؟ ٻئي پاسي سيڪريٽري ماحوليات ٿيريس ڪوفي صلاح ڏني آهي ته پرڏيهه مان ايندڙ ٽماٽر ۽ کيرا کائڻبدران عوام گوگڙو کائي، ڇو جو هي ملڪ ۾ ئي پيد اٿيندو آهي ۽ ان کي ٻاهران ناهي گھرائڻو پوندو. اسپين ۽ مراڪش مان ٽماٽر ۽ ٻيون ڀاڄيون برطانيا آنديون وينديون آهن. هوڏانهن بريگزٽ مخالف سياستدانن چيو آهي ته برطانيا جي يورپي يونين مان نڪرڻ جي ڪري هي حالتون ڏسڻيون پئجي رهيون آهن، ڇو جو ٻين يورپي ملڪن ۾ ڪا کوٽ ناهي.