اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ گهوٽڪي ۾ ٿيل ٽرين حادثي تي بحث دوران مخالف ڌر جون 2 وڏيون پارٽيون پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويون، بلاول ڀٽو زرداري احسن اقبال کي ڪاغذي عهديدار قرار ڏنو جنهن تي نواز ليگ جو قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ، جڏهن ته وفاقي حڪومت گهوٽڪي ٽرين حادثي جو ذميوار مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن کي قرار ڏئي ڇڏيو تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ٿيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي مطالبو ڪيو ته گهوٽڪي ۾ تمام وڏو ريل حادثو ٿيو آهي، معمول جي ايجنڊا کي پاسي تي رکي ان مامري تي بحث ڪرايو وڃي، اهڙن حادثن جو حل ڪڍيو وڃي، ڇو ته غريب ماڻهو ٽرينن جو سفر ڪن ٿا، جنهن تي مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال ڊپٽي اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجو 6 فوٽ کان وڌيڪ قد آهي، مان سڀ کان پهريان ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي سيٽ تي بيٺو هئس پر توهان نظر انداز ڪيو، مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي مسلم ليگ (ن) آهي، توهان مون بجاءِ بلاول ڀٽو کي پهريان موقعو ڏنو، اڄ قومي سانحي جو ڏينهن آهي، 3 سال گذري وڃڻ باوجود هن حڪومت جا وزير ان حادثي جو ذميوار مسلم ليگ (ن) کي قرار ڏئي رهيا آهن، لاڳاپيل آفيسرن ان ٽريڪ جي خراب هجڻ جي نشاندهي ڪئي هئي، هن چيو ته ٽن سالن کان ايم ايل ون ڇو شروع نه ڪيو ويو، اسان جي دور ۾ ريلوي جي 43 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ هئي، هن حڪومت ان کي گهٽ ڪري 16 ارب رپيا ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ ڪيئن ريلوي کي ترقي ڏياري ويندي، گهوٽڪي حادثو هن حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي جو نتيجو آهي، ريل جا وڏا وڏا حادثا ٿيا پر ڪنهن جي به رپورٽ پيش نه ٿي آهي، جي يو آءِ جي اسعد محمود چيو ته گهوٽڪي وارو ٽريڪ خراب هو ته ڇا حڪومت ٽرين سروس بند ڪئي ۽ فنڊ جاري ڪيو جيڪڏهن نه ته پوءِ حڪومت ذميوار آهي، جاچ ڪئي وڃي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري احسن اقبال کي ڪاغذي عهديدار قرار ڏيندي چيو ته ان جي ڪا حيثيت ناهي، مون ڪوشش ڪئي ته گهوٽڪي واقعي تي قومي اسيمبلي جو ڌيان ڇڪايان پر وفاقي وزير ۽ ن ليگ جي ڪاغذي عهديدار ان تي سياست شروع ڪري ڇڏي، جنهن تي ن ليگ جا ميمبر بلاول ڀٽو جي تقرير خلاف احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، بلاول هن حڪومت دوران ٿيل ريلوي حادثن جا تفصيل پيش ڪندي چيو ته ريلوي ڪاميٽي ۾ ڊي ايس ريلوي اهو واضح چيو هو ته 13 هنڌ خطري وارا آهن، ڪو واقعو ٿيو ته ان جو ذميوار سيڪريٽري ۽ وزير هوندو، وزيراعظم بار بار چوندو رهيو آهي ته ڪو حادثو ٿئي ته وزير فارغ ٿيڻ گهرجي، پر هتي جيترا واقعا ٿيا آهن ته ريلوي وزير سميت سڀ وزير ۽ وزيراعظم کي به استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، وزيراعظم پنهنجو واعدو پورو نه ڪري سگهيو، هن چيو ته گهوٽڪي واقعي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪا ڪاميٽي ته جوڙي وڃي جيڪا جاچ ڪري، وفاقي زوير فواد چوڌري تقرير ڪندي چيو ته گهوٽڪي جو بدقسمت واقعو ٿيو آهي، پورو پاڪستان ڏک ۾ آهي، ريلوي وزير ان واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ملت ۽ سرسيد ٽينون پاڻ ۾ ٽڪرايون، ٻنهي ٽرينن ۾ 1888 مسافر سوار هئا، اهو واقعو سالن جي لاپرواهي جو نتيجو آهي، نواز شريف آيو ته معلوم ٿيو ته منگلا کان ٽريڪ چوري ٿي ويو، جيڪو اتفاق فائونڊري خريد ڪيو هو، جنهن نموني ريلوي کي مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ هلايو ويو ان ڪري حادثن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، فواد چوڌري جي تقرير خلاف مخالف ڌر جا ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪرڻ لڳا، جنهن کان پوءِ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري ورتو، استعيفيٰ ڏيو، گو عمران گو، قاتلو جواب ڏيو خون جو حساب ڏيو جا نعرا لڳائيندا رهيا، وفاقي وزير مراد سعيد جواب ڏيندي چيو ته واقعي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ڪراچي ۾ ڪالهه جيڪو واقعو ٿيو ان بابت سوال اٿاريا ويا، سوچي رهيو هئس ته ان جو جواب ڏنو ويندو، پرچي تي آيل چيئرمين جي ڳالهه نه ڪري رهيو آهيان جنهن تي پيپلزپارٽي جي ميمبرن عبدالقادر پٽيل، شگفته جماڻي، آغا رفيع الله سخت احتجاج ڪيو، وفاقي و زير علي امين ڳنڍاپور ۽ پ پ پ جي آغا رفيع الله وچ ۾ سخت تلخ ڪلامي ٿي، آغا رفيع الله کي وفاقي وزير علي امين ڳنڍاپور شٽ اپ چئي سخت لفظن ۾ ويهڻ لاءِ چيو، آغا رفيع الله علي امين ڳنڍاپور کي چيو ته وڙهڻو اٿئي ته ٻاهر اچ، جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين جا سينيئر ميمبر وچ ۾ اچي ويا ۽ جهيڙو ٽري ويو.