ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ روڊن تي ڊيوٽي ڪندڙ ٽريفڪ اهلڪارن لاءِ موبائل ٽوائلٽ ۽ سائيڪل جي سهولت ان حوالي سان گذريل ڏينهن ٽريفڪ پوليس اهلڪارن لاءِ پهرين موبائل ٽوائلٽ جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ اقبال دارا جو چوڻ هو ته ٽريفڪ اهلڪارن کي روڊن تي ڪيترائي ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي، کين اهڙي سهولت جي گهرج هئي، اسان تجرباتي بنيادن تي پهريان هڪ موبائل ٽوائلٽ جو بندوبست ڪيو آهي، جنهن ۾ واش بيسن ۽ ٽوائلٽ جي سهولت موجود آهي، هي موبائل ٽوائلٽ انهن چوڪين تي موجود هوندو جتي ٽوائلٽ جي سهولت موجود نه هوندي، هن چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن خاص طور تي صدر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ سب ٽريفڪ اهلڪارن کي سائيڪل جي سهولت به فراهم ڪئي آهي.