ٽرمپ فوج کي ذاتي غنڊن جي ٽولي ۾ بدلائڻ جو ارادو رکي پيو: امريڪي صحافي

0
552

واشنگٽن: آمريڪي صحافي پنهنجي آرٽيڪل ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ارادو هو ته فوج کي ذاتي غنڊن جي ٽولي ۾ تبديل ڪيو وڃي

صحافي ميڪس بوٿ جو واشنگٽن پوسٽ ۾ هڪ ڪالم شايع ٿيو آهي جنهن ۾ هن ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ ڪيل ڪجهه فيصلن کي بنياد بڻائيندي چيو ته جيڪڏهن کيس ٻيو ڀيرو صدارت ملي ها ته شايد هو فوج کي پنهنجي ذاتي اسڪواڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ها.

آرٽيڪل ۾ اي بي سي نيوز جي رپورٽر جوناٿن ڪارل جي ميمورنڊم جو حوالو ڏنو آهي جيڪو ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارتي معاملن جي ڊائريڪٽر جاني ميڪ انٽي طرفان ٽرمپ ڏانهن موڪليو ويو، ميمو ۾، ميڪ اينٽي ٽرمپ کي 14 سبب ٻڌايا ويا جن تحت کيس دفاع جي سيڪريٽري مارڪ ايسپر کي برطرف ڪرڻ گهرجي، ميمو 19 آڪٽوبر 2020 تي موڪليو ويو، ۽ ٽن هفتن بعد، مارڪ ايسپر کي آفيس مان هٽايو ويو

آرٽيڪل ۾ صحافي لکي ٿو ته ڪيئن ميڪ اينٽي نالي هڪ 30 سالن جي شخص، جنهن جي اقتدار ۾ اڀرڻ جي شروعات ڊونلڊ ٽرمپ جي ٿيلهي کڻڻ سان ٿي هئي، هاڻي هڪ اعليٰ حڪومتي اهلڪار کي هٽائڻ لاءِ رستو هموار ڪري رهيو هو ته ڇو ته هو کيس ٽرمپ جو وفادار نه سمجهندو هو

صحافي لکيو ته ميمورنڊم  ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ٻئي مدي لاءِ چونڊجي وڃي ها ته هو پنهنجي فيصلن سان فوج کي ذاتي غنڊن جو اسڪواڊ ٺاهڻ ۾ دير نه ڪري ها