واشنگٽن (م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وڪيل چيو آهي ته ٽرمپ اڄ اڱاري تي مقرر ڪيل عدالت جي ٻڌڻي کان اڳ قانوني جنگ وڙهڻ لاءِ مشاورت ۽ تياري مڪمل ڪري ورتي آهي،  اڳوڻو صدر ٽرمپ اڄ پنهنجي گهر مار لاگو کان نيو يارڪ ڏانهن روانو ٿيندو، جتي هن کي هڪ پورن اسٽار کي ڳجهي ادائيگي سان لاڳاپيل الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو. ٽرمپ عدالت جي ٻڌڻي کانپوءِ فلوريڊا واپس وڃڻ جو ارادو رکي ٿو، جتي پنهنجي حمايتين کي خطاب ڪندو. ٽرمپ ڪنهن به غلط ڪم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سندس وڪيل جو ٽيڪوپينا سان گڏ چيو آهي ته اڳوڻي صدر خلاف ڪنهن به الزام جو ڀرپور مقابلو ڪندس. هن چيو ته اسان هن ويڙهه لاءِ تيار آهيون ۽ آئون منتظر آهيان ته ٽرمپ جلد کان جلد انهيءَ الزام مان بري ٿي وڃي. ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ کي 30 کان وڌيڪ الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪي 130,000 ڊالر جي ادائيگي ۽ ڪاروباري فراڊ سان لاڳاپيل آهن.