اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽرانس جينڊر قانون بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ تڪراري مامرو سينيٽ جي ايوان ۾ پهچي ويو آهي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن پاران به ترميمي بل پيش، سينيٽ چيئرمين ان بل کي جلد ڪاميٽي مان منظور ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته سينيٽ جي ايوان اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي پرڏيهي ملڪن جي دوري دوران ميزبان ملڪ ۾ ڊپٽي هيڊ آف اسٽيٽ جو پروٽوڪول ڏيڻ جو بل منظور ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب  سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته مون ٽرانس جينڊر ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو هو، جيڪو فوري منظور ٿيڻ گهرجي، مون خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، سڀني جو اتفاق آهي ته هن بل ۾ سڌارو ٿيڻ گهرجي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ٽرانس جينڊر بل تي تمام گهڻو تڪرار پيدا ٿي چڪو آهي، ان قانون ۾ سينيٽر محسن عزيز ۽ فوزيه ارشد ترميمي بل جمع ڪرايا آهن، جن کي ڪاميٽين ڏانهن موڪليان ٿو، جنهن به ميمبر کي ان بل ۾ سفارشون ڏيڻيون آهن اهو ڪاميٽي اجلاس ۾ وڃي سفارشون ڏئي، جنهن کانپوءِ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي فوزيه ارشد ٽرانس جينڊر ۾ ترميمي ايڪٽ جو بل پيش ڪيو،  جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جنهن شخص کي مرد ۽ عورت ٻئي علامتون هجن يا جنهن جي حالت جو تعين نه ٿي سگهي ته ان جي وراثت ۾ حصو مرد ۽ عورت برابر هوندو، ترميمي بل ذريعي ٽرانس جينڊر کي سڃاڻپ ڪارڊ ۾ پنهنجي مرضي سان جنس ڄاڻائڻ جو اختيار ختم ڪرڻ جي ترميم شامل ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان بل کي ڪاميٽي ڏانهن غور لاءِ اماڻيو ويو آهي، فوزيه ارشد چيو ته ان بل ۾ اسلامي تعليمات مطابق ترميمون تجويز ڪيون آهن، محسن عزيز چيو ته کدڙا به الله جي مخلوق آهن، ٽرانس جينڊر هم جنس آهن، هي قوم لوط آهي، ٽرانس جينڊر کدڙا ناهن، جيتري به هن بل ۾ ترميم منظور ڪرڻ ۾ دير ڪئي ويندي، الله جو قهر ٿيندو، قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ان مامري کي سياسي نه بڻائڻ گهرجي، پارليامينٽ جي پليٽ فارم تي شريعت کي سامهون رکي بل تي ڳالهائڻ گهرجي، جينڊر جو قانون 4 سال پهريان منظور ٿيو، ان بل جي اسلامي نظرياتي ڪائونسل به توثيق ڪئي هئي، هاڻي ترميمون آيون آهن جن کي ڪاميٽي ۾ پيش ٿيڻ گهرجي، هن ملڪ ۾ پهريان ئي شدت پسندي گهٽ ناهي، جنهن کانپوءِ دلاور خان چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر جي پگهارن، مراعتن ۽ الائونسن ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن کي فاروق ايچ نائيڪ جي ترميم سان گڏ منظور ڪيو ويو، منظور ٿيل بل تحت اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ چيئرمين کي پرڏيهي دوري دوران ميزبان ملڪ ڊپٽي هيڊ آف اسٽيٽ جو پروٽوڪول ڏيندو، فاروق ايچ نائيڪ جو چوڻ هو ته آئين ۾ ڊپٽي هيڊ آف اسٽيٽ جو ڪو عهدو ناهي، جنهن ڪري ترميم ڪري وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو، ترميم کانسواءِ اهو بل منظور ٿيڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته ساديه عباسي چيو ته هي غير ضروري بل آهي، رضا رباني جو چوڻ هو ته هي غير ضروري قانون سازي ناهي، ڪجهه پرڏيهي ملڪن ۾ چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر جا عهدا ناهن، ان ڪري اتي پروٽوڪول جي حوالي سان مسئلا ٿيندا آهن، اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي صدر، ٻئين نمبر تي وزيراعظم، ٽئين نمبر تي چيئرمين سينيٽ ۽ چوٿين نمبر تي اسپيڪر جو پروٽوڪول آهي، جنهن کان پوءِ فاروق نائيڪ جي ترميم سوڌو اهو بل منظور ڪيو ويو، جنهن تحت پرڏيهي دورن دوران اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي ميزبان ملڪ ۾ ڊپٽي هيڊ آف اسٽيٽ جو پروٽوڪول ڏنو ويندو.