ٽرانس جينڊر ايڪٽ خلاف درخواستن تي سفارشون طلب

0
396

اسلام آباد: وفاقي شرعي عدالت ۾ ٽرانس جينڊر ايڪٽ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سمورين ڌرين کان سفارشون طلب ڪري ورتيون آهن

سينيٽر مشتاق، فرحت الله بابر، الماس بوبي سميت ٻين اڳواڻن ڌر بڻجڻ جون درخواستون ڏنيون، جيڪي عدالت منظور ڪري ورتيون

Once ostracised, now Pakistani transgender people are running for parliament | Pakistan | The Guardian

عدالت سمورين ڌرين کي پنهنجون سفارشون لکت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت  ڪئي آهي

عدالت کي آگاهي ڏني وئي آهي ته انساني حقن واري وزارت جو ڪم رڳو ڪم تي عمل ڪرائڻ آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته جنهن جا به جيڪي حق آهن اهي انهن کي ملڻ گهرجن