ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت ريڊ لائين منصوبي لاءِ پاڪستان جو پهريون ماحول دوست بايو گيس پلانٽ لڳائڻ وڃي رهي آهي، انهي سان ٽرانسپورٽ کي سستي گيس فراهم ٿيندي، سنڌ ريسڪيو سروس جي هيڊ ڪوارٽر جو افتتاح جلد ٿيندو، ريسڪيو سروس 1122 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ جديد سهولتون موجود هونديون، شهرين کي هنگامي صورتحال ۾ بروقت مدد فراهم ڪئي ويندي، لانڍي ۾ ڪي ايم سي جي سلاٽر هائوس ۽ سنڌ ريسڪيو سروس 1122 جي سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي دوري دوران هن چيو ته سنڌ حڪومت شهرين جي ڀلائي لاءِ هر سطح تي قدم کڻي رهي آهي، هر شعبي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، بهتري جو اهو سلسلو جاري رهندو.