لاهور (م ڊ) پبلڪ ٽرانسپورٽرن اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  هي هڙتال انڪم ٽيڪس، ٽوڪن ٽيڪس، ٽول ٽيڪس ۽ ٻين ٽيڪسن ۾ واڌ خلاف ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان پبلڪ ٽرانسپورٽرن چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس 3 لک مان وڌائي 4 لک 8 هزار رپيا في سيٽ ڪيو آهي، ٽرانسپورٽ پبلڪ کي انڊسٽري جو درجو ڏنو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته پنجاب ۾ ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ کي آسان بڻايو وڃي، ٻين صوبن جيان پنجاب ۾ به روٽ سسٽم لاڳو ڪيو وڃي. ٽرانسپورٽرن وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ وارڊن ۽ هاءِ وي پوليس کي غير قانوني چالانن کان روڪيو وڃي، جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اڻ ڄاڻايل مدي تائين هڙتال ڪئي ويندي.