ٺري ميرواھ: تيل سستو ٿيڻ باوجود ٺري ميرواھ جي  ٽرانسپورٽرن برساتن بعد روڊ رستا ٻڏل ۽ خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڀاڙن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو. ٺري ميرواھ کان سکر جو ڀاڙو 170 مان وڌائي 400 رپيا، ٺري ميرواھ کان ڪراچي هڪ هزار مان وڌائي 1300 رپيا، ملتان لاءِ 1200 مان وڌائي 1700مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جنهن سبب مسافرن ۽ ٽرانسپورٽرن ۾ ڏند چڪ ۽ منهن ماري روز جو معمول بڻيل آھن پر ٽرانسپورٽ کاتو معاملي کان لاتعلق بڻيل آھي.