ٽانڪ (م ڊ) ٽانڪ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو مارجي ويو. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر وقار احمد خان موجب ڌماڪو ڪڙي حيدر واري علائقي ۾ ٿيو، ڌماڪي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هڪ شخص مارجي ويو ۽ موٽرسائيڪل پڻ مڪمل طور تباهه ٿي وئي. ڊي پي او موجب شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته موٽرسائيڪل سوار ٽينڪر وٽان اچي رهيو هو ۽ سندس موٽرسائيڪل ۾ اڳ ۾ ئي بم نصب ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ حڪمت الله طور ٿي آهي، جيڪو ڪڙي حيدر جو رهواسي هو. پوليس موجب ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول يا ڪنهن ٻئي طريقي سان ٿيو، جاچ جاري آهي.