ٽالهي (ن پ ا) ٽالهي جي يونين ڪائونسل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ٿي ويو، ان ڏس ۾ آفيس جي انچارج  سليم گرگيز پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته رات نامعلوم چور يونين ڪائونسل جي اندرين دروازي جا تالا ٽوڙي آفيس ۾ داخل ٿي آفيس ۾ پيل ڪمپيوٽر سسٽم چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، جنهن ۾ آفيس جو سمورو نادرا رڪارڊ موجود هو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته يونين آفيس جو ٻيو سمورو رڪارڊ پرنٽ مشين ۽ ٻيو قيمتي سامان آفيس ۾ موجود آهي، جڏهن ته نادرا رڪارڊ ڪپيوٽر سسٽم چوري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته  رات چوڪيدار جي طبيعت ٺيڪ نه هئي، جنهن ڪري ان موڪل ڪئي، هن چيو ته  اسان پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو آهي، پوليس اچي معائنو ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي پاسي يونين آفيس جي چوڪيدار محبوب گشڪوري جو چوڻ هو ته آفيس انتظاميا کي رات مون ٻڌائي ڇڏيو هو ته منهنجي طبيعت خراب آهي، ان رات ڊيوٽي تي موجود نه هئس.