ٽالهي (ن پ ا) ٽالهي ويجهو يوسي مهراڻو جي رهواسي پورهيت غلام نبي شاهه جي ڪکائين گهر کي رات دير سان باهه لڳڻ سبب سمورو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، متاثر پورهيت الزام هڻندي چيو ته مخالفن حسين گجو ۽ سندس پٽ لالو گجو گهر کي باهه ڏئي ساڙيو آهي، باهه سبب گهر اندر پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، هن چيو ته اسان جي سجاڳ ٿيڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا، هن چيو ته مخالف اسان کي هتان لڏائڻ چاهين ٿا، هن مطالبو ڪيو ته باهه ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن نئون ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي متاثرن جا بيان قلمبند ڪيا ۽ چيو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.