باڊھه (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار گم ٿيل نوجوان کي پنهنجن سان ملائي ڇڏيو، ويهڙ پوليس کي 6 ڏينهن اڳ هٿ آيل نوجوان محمد حسين جي خبر ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ۾ هلڻ بعد نوجوان جو ڀاءَ ذاڪر حسين بروهي ويهڙ ٿاڻي تي پهتو، جتي پوليس هٿ آيل نوجوان کي پنهنجي ڀاءَ حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب هٿ آيل نوجوان قمبر ڀرسان ڳوٺ الله بخش اهير جو رهواسي آھي.