ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار گروپ پاران هر سال جيان هيل به ڊسمبر جَي پهرين آچر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو

0
522
ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو
ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار گروپ پاران هر سال جيان هيل به ڊسمبر جَي پهرين آچر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو

ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار گروپ پاران هر سال جيان هيل به ڊسمبر جَي پهرين آچر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ دوران لکين ماڻهن جَي بي گهر ٿيڻ سبب ايڪتا ڏهاڙو ”سنڌ سان درد جو رشتو“ جَي سِرَي هيٺ ملهايو ويندو، ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ جا ماڻهو روايتي سنڌي ويس وڳا پهري ٻوڏ متاثر علائقن جَي رليف ڪيمپس ۾ پهچي پنهنجي وت ۽ وس آهر سندن واهر ڪندا، ”سنڌ سان درد جو رشتو“ جَي سِرَي هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ جَي لکين ٻوڏ متاثر ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻارڙن کي اهو يقين ڏياريو ويندو ته ڏک ۽ تڪليف جِي هن گهڙيءَ ۾ هُو اڪيلا نه آهن

برساتن ۽ ٻوڏ جِي تباهين کان بچي ويل علائقن ۾ به سنڌ واسين پاران ٻوڏ متاثر ڀائرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ مختلف ثقافتي تقريبون ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا، تقريبن ۾ ٻوڏ دوران يا بعد ۾ پکڙيل وبائي بيمارين وگهي حياتيون وڃائي ويهندڙ سوين سنڌ واسين جِي ياد ۾ هڪ منٽ جِي خاموشي اختيار ڪري کين گلن، لڙڪن ۽ دعائن سان ڀيٽا پيش ڪئي ويندي