ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار نوجوان کي وارثن سان ملائي ڇڏيو

0
224

باڊھ (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پنهنجن کي ملائڻ واري روايت برقرار رکندي ويهڙ پوليس کي هٿ آيل نوجوان کي وارثن سان ملائي ڇڏيو، ويهڙ پوليس کي 6 ڏينهن اڳ هٿ آيل نوجوان جي خبر ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ۾ نشر ٿيڻ تي نوجوان کي وٺڻ وارث ٿاڻي پهچي ويا، هٿ آيل نوجوان جو تعلق قمبر ڀرسان ڳوٺ الله بخش اهير سان آھي، نوجوان جو ڀاءَ ذاڪر حسين بروهي ويهڙ ٿاڻي تي پهتو جتي ويهڙ پوليس نوجوان کي پنهنجي ڀاءَ حوالي ڪيو.