ٽائيم نيوز ڇاڇرو جي نمائندي تي قاتلاڻو حملو، جوابدار قتل ڪرڻ آيا، پاڙيوارن بچايو

0
259
ٽائيم نيوز ڇاڇرو جي نمائندي تي قاتلاڻو حملو، جوابدار قتل ڪرڻ آيا، پاڙيوارن بچايو
ٽائيم نيوز ڇاڇرو جي نمائندي تي قاتلاڻو حملو، جوابدار قتل ڪرڻ آيا، پاڙيوارن بچايو

ڇاڇرو ٽائيم نيوز جي نمائندي عبدالجبار نهڙيو تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، هٿياربند تشدد بعد 3 لک روپيا روڪ ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ويا

عبدالجبار نهڙيو کي گهر کان ٻاهر 5 هٿياربندن حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، ڊاڪٽرز طرفان جبار نهڙيو کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي

عبدالجبار نهڙيو چيو آهي ته هٿياربندن کي سڃاتو آهي، سندن واسطو مڱريا ڌُر سان آهي، حملو ڪندڙن ۾ محمد رحيم، ممتاز، منظور، محبوب ۽ حنيف شامل هئا، پاڙي وارا نه اچن ها ته جوابدار قتل ڪن ها

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، هڪ شڪي کي گرفتار ڪري پُڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، صحافي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو

ٽائيم نيوز جي نمائندي مٿان قاتلاڻي حملي تي صحافي برادري ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي، جوابدار ترت گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو آهي