جوهي/ سيوهڻ (نمائندن وٽان) ٻوڏ متاثرين لاء جذبا جاڳي پيا ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ جي سڏ کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. جوهي ۾ ڇنڊڻ سوشل تنظيم پاران ڇنڊڻ موري تي بي يارو مددگار ويٺل ٻوڏ متاثرين لاء تندور قائم ڪري ورتي، انجنيئر آفتاب احمد پنهور، نورمحمد پنهور، اڪبر پنهور ۽ ٻين پاران ايم اين وي ڊرين جي بند تي جوهي، خيرپور ناٿن شاھ،ميهڙ جا هزارين جي تعداد ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرين لاء تندور قائم ڪري ورتو.  ٻئي پاسي سيوھڻ ۾ ناليواري ڪالم نويس، ليکڪ اديب  محمد خان ابڙو جي سھڪار سان سيوھڻ جي لال باغ ۾ ٻوڏ متاثرين لاء ماني جو تندور لڳائي روزانو مڻن جي حساب سان اٽو پچائي ماني کارائي پئي وڃي. ٻوڏ متاثرن ٽائيم نيوز جي باني علي قاضي کي دعائون ڏيڻ سان گڏ سيوھڻ جي مقامي شخصيت محمد خان ابڙو کي به ساراهيو.