ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊي ڄام ۾ گسٽرو جا مريض وڌڻ ۽ اسپتال ۾ سهولتن  ۽ دوائن جي کوٽ بابت  ٽائيم نيوز جي خبر  جو نوٽيس ورتو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڊي ايم پي پي ايڇ آئي ٽنڊوڄام جي ايمرجنسي وارڊ ۾ 9 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي، هر شفٽ ۾ ٻه ٻه ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويا آهن، صبح ۽ شام واري شفٽ ۾ ٻه ٻه ڊاڪٽر گيسٽرو کي منهن ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. سالن کان ايمرجنسي وارڊ ۾ هڪ ڊاڪٽر مقرر ٿيل هو.