ٽائمز هائير ايجوڪيشن پاران علما يونيورسٽيءَ کيءَ سنڌ جي ٽاپ ۽ دنيا جي 300 يونيورسٽين جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو

0
430

ڪراچي (ڪمرشل نيوز) ٽائمز هائير ايجوڪيشن پاران علما يونيورسٽيءَ کيءَ سنڌ جي ٽاپ ۽ دنيا جي 300 يونيورسٽين جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ٽائيمز هائير ايجوڪيشن اثرائتي رينڪنگ ۾ علما يونيورسٽيءَ کي ايس ڊي جي 1 رينڪنگ ۾ سموري سنڌ ۾ ٽاپ ۽ دنيا جي 300 يونيورسٽيءَ ۾ ڪاميابيءَ سان ايس ڊي جي 1 حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي 300 اعليٰ يونيورسٽيز ۾ شامل ڪيو آهي. هي بين الاقوامي معيار جي درجا بندي کي ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ سان نوازيو ويو آهي. ٽائمز هائير ايجوڪيشن اميپڪٽ رينڪنگ واحد عالمي ڪارڪردگي وارو آهي جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي حدفن (ايس ڊي جي) لاءِ يونيورسٽين جو جائزو وٺندو آهي، هو چئن وڏن شعبن ۾ جامع ۽ هڪ جيتري ڀيٽ ڏيڻ لاءِ احتياط سان ڪيليبريڊ اشارا استعمال ڪندو آهي. علما ايس ڊي جي 1 ۾ پهرئين نمبر تي آهي. علما يونيورسٽيءَ جي تحقيق، غريب شاگردن ۽شهرين جي مدد کان سواءِ تحقيق ناهي ٿيندي، علما پنهنجي سي ايس آر سرگرمن ۽ پهچ سان ان ڊومين ۾ ڪامياب وئي. يونيورسٽيءَ جي عملي ۽ شاگردن ڪيتريون ئي مهمون هلائي ان ۾ ڪاميابي ماڻي.