ٻڏل ڳوٺ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي ڇو رکيون ؟

0
191

ياد رکجو تاريخ توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ فقير محمد هاشم بوزدار کي ڪجھه مقامي اڳواڻن نظر انداز ڪندي اهو چيو ته توهان جي ڳوٺاڻن تباھه ٿيل ڳوٺ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي ڇو رکيون آهن، اسان توهان جو ڳوٺ بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي هاڻ متاثر ڳوٺاڻن جي ڪائي به واهر نه امداد ٿيندي، مليريا گيسٽرو ڊينگي چمڙي جي بيمارين سميت مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، بک ۽ بيمارين سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا بيمار ٿي بستر ڀيڙو ٿي ويا آھن، الله نه ڪري ڪو به اڻوڻندڙ واقعيو پيش آيو ته ان جو ذميوار اهي مقامي اڳواڻ هوندا. (مظفر بلوچ جي فيس بوڪ وال تان ورتل)