لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ آڏو ٿي جتي ڪمشنر گهنور علي لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو امداد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺاڻي، ڊي ايچ او لاڙڪاڻو اطهر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد محمد يوسف شيخ، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ رٽائرڊ ليفٽينٽ عابد علي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور طاهر، ايڊيشنل ڪمشنر دادو عبدالابواعليٰ ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر مينٽيننس نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاڙڪاڻو طاهر حسين صديقي سميت ٻيا پيش ٿيا. عدالت ۾ لاڙڪاڻي جو ڪمشنر گهنور خان لغاري، ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ۽ ڌر بڻايل عملدار پيش ٿيا آهن جن عدالت ۾ پنهنجون پراگريس رپورٽون جمع ڪرايون جن عدالت کي ٻڌايو ته اسان ٻوڏ متاثر ماڻهن کي دوائون ۽ کاڌ خوراڪ ڏئي رهيا آهيون. ان موقعي تي پٽيشنر وڪيل رفيق احمد ابڙو عدالت کي ٻڌايو ته دوائون غير معياري آهن ۽ کاڌا به غير معياري تيار ڪيا پيا وڃن جنهن سان ٻوڏ متاثر ماڻهن جا ٻارڙا بيمار ٿي  پيا آھن ۽ متاثرن کي گهربل سهولتون هن وقت تائين پوريون نه ٿيون ڪيون وڃن. عدالت جي حڪم تي ٺاهيل سٽيزن ڪاميٽين کي به فعال نه ٿو ڪيو وڃي. اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي منهن سان وڃي من پسند ماڻهن سان ڪم ڪري رهيو آهي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهدادڪوٽ کان وٺي سيوهڻ تائين ڍنڍ جي بچاءُ بند تي اربين روپيا خرچ ٿيا آهن پر بند جي حالت اڃان تائين چڱي ناهي، ڪامورا سياسي ماڻهن سان ملي پئسا ڪڍي کائي ٿا وڃن ۽ مصيبت جي وقت ۾ ماڻهن کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏين ٿا اسان برسات ۾ نه ٻڏا آهيون پر اسان کي ٻوڙايو ويو آهي. هن عدالت کي ٻڌايو ته اسان جا اسڪول به اڃان تائين بند آهن متبادل جڳهه ٺاهي ٻوڏ متاثرن کي ترسايو وڃي جيڪڏهن تعليم بند ٿي ته جاهل ٿي وينداسين. هن عدالت کي ٻڌايو ته جاپان ۾ ايٽم بم اڇلايو ويو ان دوران به تعليم ۽ عدالتن کي بند نه ڪيو ويو هو. عدالت ٻڌڻي ايندڙ 21 سيپٽمبر اربع تائين ملتوي ڪري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي آفيسرن سميت لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته پراگريس رپورٽن سميت عدالت ۾ پيش ٿي جواب ڏنو وڃي.