فرينڪ فرٽ (انٽرسٽنگ نيوز) جرمني ۾ فرينڪ فرٽ ايئرپور ويجهو هڪ ڳوٺ جي ٻڍڙي عورت عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ته ايئرپورٽ تي رات جي وقت جهازن جي آواز سبب مان سمهي نه ٿي سگهان اڪثر بيمار رهندي آهيان، عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته عدالت عورت کان پڇا ڪئي ته اوهان ڇا ٿيون چاهيو؟ اوهان ان گوڙ سبب ايئرپورٽ کان ڪجهه معاوضو حاصل ڪرڻ ٿيون چاهيو؟ يا ايئرپورٽ کان پري ڪو گهر ٿيون چاهيو؟ جنهن تي عورت چيو ته مونکي پئسن جي ڪابه ضرورت نه آهي ۽ نه ئي مان هي گهر ڇڏي وينديس، ڪو مستقل حل ڳوليو وڃي. ان تي عدالت سوچ ۾ پئجي وئي ته نه عورت گهر ڇڏڻ لاءِ تيار آهي نه ايئرپورٽ کي کڻي ٻئي هنڌ شفٽ ڪري سگهجي ٿو! نيٺ عدالت عورت کي چيو ته اوهان رات جو اهو وقت طئي ڪيو جنهن وقت اوهان ننڊ ڪنديون آهيو ان وقت جهاز ايئرپورٽ تي نه لهندا ڇا اوهان کي اهڙو فيصلو منظور آهي؟ جنهن تي اها عورت مطمئن ٿي وئي ۽ اڄ تائين فرينڪ فرٽ ايئرپورٽ تي رات 12 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين جهاز نه لهندو آهي.