خيرپور (رپورٽر) ٻٻرلوءِ ويجھو 12 ورهين جي يتيم نينگري مبينا اغوا، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران وارثن کي واپس موٽائي ڇڏيو، نينگريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج. خبر موجب ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش ميتلو مان هٿياربندن 12 ورهين جي يتيم نينگري راڻي ڌيءَ غلام علي ميتلو کي مبينا طور اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. واقعي خلاف مبينا اغوا ٿيل نينگري جي ڏاڏي زبيده خاتون، ڀاءُ روشن ميتلو، مدن ميتلو ۽ ٻين واقعي خلاف احتجاج ڪندي چيو ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ ساجد علي ميتلو ۽ حاجي خان ميتلو پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي راڻيءَ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ درج ڪرائڻ وياسين ته پوليس ڳري رشوت طلب ڪئي، رقم نه ملڻ سبب ٿاڻي تان واپس ڪيو ويو، اسان کي خدشو آهي ته اسان جي نينگريءَ کي قتل ڪيو ويندو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي نينگريءَ کي بازياب ڪرايو وڃي. وارثن جو چوڻ آهي ته انصاف نه ٿيو ته عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو.