خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب 40 سال جي حسنه جمالي موقعي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته فوتي عورت جو ڀاءُ محمد بخش جمالي ۽ معصوم ڀائيٽيو محمد قيوم جمالي شديد زخمي ٿي پيا. حادثي کان پوءِ فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙي موري پهچايو ويو جِتي ضروري ڪارروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي. ٻڌايو پيو وڃي حادثي ۾ فوت ٿي ويل عورت ۽ زخمي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڳوٺ جهان خان رُڪ کان راڻيپور وڃي رهيا هئا ته ساڻس حادثو پيش آيو.