ٻي شادي جو ارادو ظاھر ڪرڻ تي زال مڙس جون آڱريون ڀڃي ڇڏيون

0
363
زال مڙس جون آڱريون ڀڃي ڇڏيون
ٻي شادي جو ارادو ظاھر ڪرڻ تي زال مڙس جون آڱريون ڀڃي ڇڏيون

دبئي جي عدالت هڪ ايشيائي جوڙي کي هڪ ٻئي کي مارڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا قيد جي سزا کانپوءِ ملڪ بدر ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب جوڙي ۾ ان وقت جهيڙو ٿي پيو جڏهن مڙس پنهنجي 25 سالن جي زال جي سامهون ٻيهر شادي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. پهريان ٻنهي ۾ ڊگھي بحث ٿي ۽ پوءِ عورت پنهنجي مڙس کي موڇڙا ھڻڻ لڳي.

رپورٽ موجب عورت پنهنجي مڙس تي ايترو ته تشدد ڪيو جو سندس آڱريون ڀڃي ڇڏيون، بعد ۾ مڙس به رد عمل ظاهر ڪندي زال کي ڳل تي چماٽ ھڻي ڪڍي.

چماٽ لڳڻ سبب عورت جي ڪنن جو پردو 2 سيڪڙو متاثر ٿيو، جڏهن ٻنهي جو ڪيس عدالت ۾ پهتو ته 24 ورهين جي مڙس بيان ڏنو  ته موچڙا ھڻڻ جي شروعات پھريان زال ڪئي

ان کان علاوه ميڊيڪل رپورٽن موجب عورت جي پيشاني، نڪ، ڳچيءَ ۽ سيني تي زخمن جا ڪيترائي نشان ڏسڻ ۾ آيا، ان کان علاوه سندس ڪن جو پردو به متاثر ٿيو