ميھڙ (ن پ ا) ٻيٽو جتوئي ۾ جتوئي خاندانن جي ٻن بااثر ڌرين ۾ پئٽرول پمپ تان ڦر واقعي ۽ احتجاج دوران ڇڪتاڻ کان پوء تڪرار تيز ٿي ويو آھي پ پ پ اڳواڻ ياسين نبي بخش جتوئي ھٿياربند ساڻ ڪري ميھڙ ڀرسان ٻيٽو جتوئي پھتو جتي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو تہ 7 ڏينھن اڳ منھنجي پئٽرول پمپ تي ھٿياربندن ڪاھ ڪري لکين روپيا ڦر ڪيا، بعد ۾ واقعي خلاف احتجاج دوران 40 کان 50 نامعلوم شرپسند ماڻھن منھنجي پئثرول پمپ تي حملو ڪري گاڏين جا شيشا ٽوڙيا ، ڀڃ ڊاھ ڪئي جنھن جي جانچ ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. ايم پي اي احسان علي جتوئي جي اھڙي ويڊيو بہ وائرل ٿي آھي. اھي اسان جي ڪارڪردگي ۽ ڪم  کان ڊنل آھن. ھن چيو ته مھنجي پمپ تي بہ حملو ڪيو ويو اھڙي واقعي خلاف سڀاڻي ڪورٽ ۾ پروٽيڪشن لاء درخواست داخل ڪئي ويندي.