ميهڙ (رپورٽ : پاويل جوڻيجو ) ميهڙ لڳ ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ڀرسان افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي باگڙي برادري سان تعلق رکندڙ 4 معصوم ٻارڙا رائيس ڪئنال جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ڀرسان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ دادو ۽ خيرپور ناٿن شاهه سان تعلق رکندڙ باگڙي برادري سان واسطو رکندڙ 4معصوم ٻار ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. اطلاع تي رائيس ڪئنال سان گذرندڙ ماڻهن 4معصوم ٻارن جا لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪيا. معصومن جا لاش ڏسي باگڙي برادري جي عورتن ۽ مردن ۾ رڙيون ۽ ڪيهاٽ پئجي ويا. باگڙي برادري جي گهرن ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو، معصوم ٻارن جي وارثن معصوم ٻارن جا لاش تعلقا اسپتال ميهڙ آڻڻ بدران دادو کڻائي ويا. ٻڏي فوت ٿيلن ۾ 2 ڀائر عاشق ۽ معشوق باگڙي پٽ سرور باگڙي شامل آهن، جيڪي دادو تعلقي جا رهواسي آهن. جڏهن ته ٻن معصوم ٻار ن منگهن باگڙي راجو مل ولد سکيو مل جا وارث خير پور ناٿن شاهه تعلقي جا رهواسي هجڻ ڪري ٻارن جا لاش خير پور ناٿن شاهه کڻائي ويا، جتي سندن آخري رسمون ادا ڪيون وينديون. ٻڌايو پيو وڃي ته باگڙي برادري جا ماڻهو رائيس ڪئنال جي پاسي زرعي زمين ۾ گدرا ۽ هنداڻا پوکي هارپو ڪندا آهن. رائيس ڪئنال ۾ پاڻي نه هوندو هو. رائيس ڪئنال ۾ آبپاشي عملدارن ڪالهه ئي پاڻي ڇڏيو هو معصوم ٻار گرمي ڪري رائيس ڪئنال ۾ آيل پاڻي ۾ وهنجڻ لاءِ لٿا ته ٻڏي فوت ٿي ويا آهن.