ٻوڙي سياست گونگا ماڻهو

0
223
فوج کي سياست کان پري رهڻ گهرجي يا سياستدانن کان!

 گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس  9 سيپٽبمر کان 11 سيپٽمبر تائين پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران اسلام آباد ۽ سنڌ جو ڦيرو ڪري هليو ويو. اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هڪ عدد پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ سنڌ جي دوري ۾، وزيرِاعظم شهباز شريف، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو زرداري هن سان ساڻ هئا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران پاڪستان جي دوري ڪرڻ جو جيڪڏهن ڪو خاص مقصد هو ته اهو صرف ۽ صرف پاڪستان جي انهن علائقن جي صورتحال کي پنهنجي نماڻين اکين سان ڏسڻ، ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۽ ذاتي مشاهدو ڪرڻ هو جيڪي علائقا برساتي ٻوڏ جي سبب هن وقت مڪمل طور تي پاڻي هيٺ آهن ۽ انهن علائقن ۾ وري سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ هو جيڪا هن وقت سواءِ ڪراچي ڊويزن جي سڄي جو سڄي اسان جي ٻوڙي سياست ۽ گونگن ماڻهن جي ڪوتاهين، ڪرتوتن ۽ نااهلين جي ڪري تاريخ جي بدترين (برساتي) ٻوڏ سان جهيڙي رهي آهي ۽ سڄي سنڌ جو عوام دربدري ۽ بي وسي واري زندگي گهارڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي دوري دوران ڇا ڏٺو؟ ڇا محسوس ڪيو ۽ ڪهڙو مشاهدو ڪيو؟ ان تي بعد ۾ ٿا اچون پهريان اچو ته ان سنڌ جي ڳالهه ڪيون جيڪا سنڌ سدائين سورن ۾ آهي.

 هن وقت ٻوڙي سياست جي ور چڙهيل آهي ۽گونگن ماڻهن جي عملن جو شڪار ٿي آهي. ٻوڙي سياست جو مطلب هي آهي هن وقت سياست اهڙا نردوشي ۽ بدديسي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن کي عوام جو ڪنهن به قسم جو ڪو به خيال ۽ اونو ڪونهي ڪو. گونگن ماڻهن مان مراد اسان جا اهي ڪرتا ڌرتا آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن  حوالي سان عوامي فلاح و بهبود جي ادارن ۾ وڏن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ٻيا اهي ذميدار ماڻهو جيڪي سنڌ سرڪار جي مختلف کاتن کان علاوه وفاقي وزارتن ۾ سڻڀن عهدن تي مزا ماڻي رهيا آهن ۽ جن جو ڪم ئي ملڪ، سنڌ ۽ عوام جو هر طرح سان خيال رکڻ ۽ خدمت ڪرڻ آهي پر اهي سڀ ماڻهو ان وقت گونگا بڻجي وڃن ٿا جنهن  وقت هر بااثر ماڻهو پنهنجي مڇي فارمن، فارم هائوسن، ملن، ڪارخانن، فصلن ۽ ذاتي ملڪيتن کي محفوظ ڪرڻ خاطر پنهنجي مرضين سان ڪٽ لڳائيندا رهن ٿا ۽ سنڌ کي ٻوڙائيندا رهن ٿا. جيئن اسان جا ڪجهه ڊي سي صاحبان، آبپاشي کاتي جا ڪجهه ڪامورا، ٽي ايم ايز، ٽائون ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن جا سڀئي ذميدار ماڻهو. جن جو ڪم ئي عوام جي پرگهور لهڻ، شهرن کي محفوظ ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي هو پر مينهن سڀني کي ڌوئي ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ جو اهي سڀ ان سياست جي سامهون گونگا بڻيل رهيا جنهن سياست سدائين سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي مصيبتن جي منهن پئي ڌڪيو آهي. جهڙي طرح سان هن وقت سنڌ جو عوام پنهنجي ڏنل ووٽ جي قيمت جو ڪيتو لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان قسم جي ڪيتي سان هن جو اڳ ۾ ڪڏهن به واسطو ناهي پيو. هي اهڙو ڪيتو آهي جيڪو لوڙهڻ سان به لڙهي نٿو جيتوڻيڪ ٻوڏ جو پاڻي هن وقت سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي پر هي ڪيتو هن جي جان نٿو ڇڏي. بلڪل اهڙي طرح سان جهڙي طرح سان ٻوڙي سياست هن کي نيستو نابود ڪري ڇڏيو آهي. ڪيتي هن کي بي حال ڪري ڇڏيو آهي. ڪيتو به ڄڻ ناسور جهڙو هجي ٿو. جهڙي طرح سان ناسور جو ڪو علاج ناهي اهڙي طرح ڪيتي مان نه جند آجي ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ئي هن کي ڪنهن وڏي پاڻي ۾ لاوارث ڪو لاش ئي سمجهي لوڙهي سگهجي ٿو. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته “پنهنجي وڍي جو نه ويڄ نه طبيب” سو اسان جي عوام پاران هر بار مصيبتن، خوارين ۽ ذلتن کي سهڻ جي باوجود ان پارٽي کي ئي سدائين ووٽ ڪرڻ ۽ پنهنجي ذلتن جو حساب ڪتاب نه ڪرڻ جنهن جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو جيڪو پنهنجي ذات ۽ عمل ۾، قول ۽ فعل ۾، ڏياءُ ۽ ڏاهپ ۾، شخصيت ۽ ماڻهپي ۾، سياست ۽ سياسي راند ۾، ملڪي مامرن ۽ عالمي معاملن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو يا ايئن کڻي چئون ته هن وقت تائين هن جو ڪو ثاني پيدا ناهي ٿي سگهيو توڙي جو سندس پياري ڌيءَ پنڪي عوامي سياست کي اڳتي وڌايو هو پر هن جي شهادت بعد  پاڪستان پيپلز پارٽي کي جيڪا نج عوامي ۽ ڪنهن حد تائين انقلابي ۽ نظرياتي به پارٽي هئي، جنھن واقعي ملڪ ۽ عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ان کي ان هنڌ اچي پهچايو  ويوآهي جو سنڌ جو عام ماڻهو به هن پارٽي کان هاڻي بيزار ٿيڻ لڳو آهي. يعني هي پارٽي جيڪا شهيد ڀٽي جي دور ۾، پوري ملڪ جي عوام جي دلين ۾ راڄ ڪندڙ هئي، محترما بينظير جي دور ۾سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ پختونخوا ۾ ڪافي حد تائين مقبول ۽ موجود رهي پر هن وقت ڪراچي ۾ جيڪو سنڌ جو گادي وارو شهر آهي ان ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ نمائندگي رکي ٿي. باقي سڄي سنڌ ۾ هن لاءِ پي ٽي آئي، جي يو آئي، قومپرست پارٽين جي شڪل ۾ هڪ سخت قسم جي مخالفت يا نفرت پنهنجو وجود ته رکي ٿي پر اها سڄي مخالفت ۽ نفرت سمجهوتي جو شڪار (ڪمپرومائزڊ) آهي. ان جو سبب ٿي سگهي ٿو ته هنن پارٽين جون ڪجهه سياسي مجبوريون يا سياسي ڪمزوريون هجن پر هي سڀ پارٽيون پيپلز پارٽي جي لاءِ هن وقت به ڪي وڏا دڙڪا (چئلينجز) ڪونه آهن. پر تازو برساتي ٻوڏ بعد عوام جنهن ٻوڙي سياست ۽ گونگن ماڻهن جي چنبي جو شڪار ٿيو آهي ان عوام جي دل و دماغ ۾ جيڪا عوامي نفرت ڪر کڻي رهي آهي ۽ جنهن لاءِ اسان به سمجهون ٿا ته هي هڪ “وقتي ڪروڌ يا نفرت” آهي يعني “وقت گذري ويندو ڪروڌ وسري ويندو” پر ان نفرت جيڪڏهن ڪنهن جي اڳواڻي ۾ سياسي ردعمل جي واٽ ورتي ته سنڌ ۾ هن قسم جو ردعمل هڪ نئين تاريخ رقم ڪري سگهي ٿو. پيپلز پارٽي لاءِ اڳ ۾ سڄو ملڪ سوڙهو ٿي چڪو آهي رهي سهي ڪسر سنڌ ۾ پوري ٿي سگهي ٿي يا ٿي ويندي جيڪڏهن عوام پنهنجي موجودهه دربدري جو پلاند ايندڙ چونڊن ۾ هڪ ڀرپور سياسي – سماجي ردعمل جي صورت ۾ ڏيکاريندو. ايندڙ چونڊن ۾ هنن لاءِ جيڪڏهن برساتي ٻوڏ سبب ڪر کڻندڙ نفرت پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ زبردست قسم جو ردعمل سامهون آيو ته انهن چونڊن جا نتيجا هنن جي لاءِ هڪ وڏي سيکت هوندا ۽ ان عوامي سمجهه ۽ سگهه جو بنياد پڻ وجهندا جيڪا پنهنجي مسئلن کي سمجهندي انهن کي پنهنجي هٿن ۾ کڻندي ۽ حل ڪندي اڳتي وڌندي ويندي ۽ جنهن جي لاءِ اسان سڀ صدين کان اميدون رکندا پيا اچون. اهي نتيجا هنن سڀني ٻوڙي سياست ڪندڙن ۽ گونگو بڻجي ويلن کي ڏينهن جا تارا ۽ رات جو سج ضرور ڏيکاريندا. پر سوال هي آهي ته ماڻهو اڪيلا ڇا ڇا ڪري سگهن ٿا؟ ۽ ڇا هو ايئن واقعي ڪري سگهن ٿا؟ جواب آهي بلڪل به نه. ڇاڪاڻ جو اسان جو ٻوڏ ستايل عوام راشن جون شڪايتون ڪندي ته نظر اچي ٿو پر پاڻ کي تبديل ڪندي نظر نٿو اچي. پاڻ کي وڏيرن پاران پيدا ڪيل بي رحم حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏيندو ته نظر  اچي ٿو پر انهن ظالم وڏيرن ۽ بي رحم حالتن سان ويڙهه ڪندي نظر نٿو اچي. صحيح ڳالهه آهي ته ڪٿي ڪجهه واقعا ٿيا به آهن پر اتان اسان جا اهي وڏيرا کسڪي انهيءَ ڪري ويا آهن ته هنن کي هي خبر آهي ته ماڻهن جي هي ڪاوڙ وقتي آهي ۽ هي پڪ اٿن ته سنڌ جو عوام اٻوجهه آهي،

 ويچارو ۽ سادو آهي، گهر ايندڙ دشمن کي جيڪڏهن معاف ڪري سگهي ٿو ته سنڌ ٻوڙيندڙن کي ته هو جيءَ ۾ جايون ڏيندو بس چونڊون ويجهو اچن ته مان هنن وٽ هلي ويندس ڪجهه هنن جون شڪايتون ٻڌبيون انهن کي جائز به قرار ڏنو ويندو ۽ اڳتي اهڙي ڪابه زيادتي نه ڪرڻ جا ٻيهر واعدا وچن ڪري ووٽ وٺندس ۽ يقين آھي ته ڀٽي شهيد جي پارٽي کي اسان پاران دربدر ڪيل سنڌ جي بيوس عوام نه پهريان مايوس ڪيو آهي نه هاڻي ڪندو. هي آهي ان ٻوڙي سياست ۽ گونگن ماڻهن جي دنيا جيڪي صرف سنڌي عوام آڏو ٻوڙا به آهن ته گونگا به آهن باقي ايم ڪيو ايم، ملڪي ۽ عالمي اسٽيبلشمنٽ جي نه صرف ٻڌن ٿا پر انهن جي ست سرين کي به جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا.

اينتونيو گوتريس جي سادگي جا چرچا ۽ ٻوڏ متاثرن سان عاجزي سان پيش ايندي هي چوندي به ٻڌو ويو ته، “هن جو ڏاڏو به هڪ هاري هو سو توهان جي دردن ۽ تڪليفن جو هن کي تمام گهڻو احساس آهي ۽ توهان جي مال متاع ۽ ملڪيت جي نقصان کي هو دلي طور تي محسوس ڪري ٿو.” اينتونيو گوتريس پاران عالمي امداد لاءِ ڪيل عرضي جيسيتائين پنهنجو ڏينهن ڏسي پر ٻوڏ ستايل آڏو جهڙي طرح سان هن عاجزي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي باري ۾ دل کولي ٻڌايو، ڳولي ڏيکاريو هن ملڪ ۾ اهڙي سياسي قيادت جيڪا هن قسم جي عاجزي رکندڙ هجي. اسان جي سياسي قيادت توهان کي ڪڏهن به هي نه ٻڌائيندي ته هنن جي اصليت ڪهڙي هئي ۽ سندن وڏا ڇا ڇا ڪندا هئا؟ مونکي ياد ٿو اچي ته گوجرانولا ۾ 9/11 بعد جڏهن آمريڪي جنرلن به پاڪستان جو رخ ڪيو هو ته انهن مان ڪجهه جنرل گوجرانوالا ڪينٽ ۾ به آيا هئا. انهن ڏينهن ۾ هڪ فوجي حولدار جنهن کي هڪ آمريڪي جنرل جي خدمت تي مامور ڪيو ويو هو ان ٻڌايو هو ته فوجي اڏي کان وٺي رهائشگاهه تائين اهي جنرل پنهنجي ٿيلھن کي پاڻ گهليندا ٿي آيا ۽ اسان کي هٿ سان اشارو ڪري پري ڪري ڇڏيائون. اهي بوٽ پالش به پاڻ ڪندا هئا. ڇا اسان نه ڏٺو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي ٿيلھي کي پاڻ پئي سنڀاليو. ڇا هن جو هي بيان اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي ناهي ته، “پاڪستان عالمي حرارت کي روڪڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪوبه قدم ناهي کنيو.” توڙي جو هن پاران هي اظهار به ڪيو ويو ته، “عالمي حرارت جي نتيجن جو اثر پاڪستان ۽ سنڌ تي برو پيو آهي.” صحيح چيو اٿن ته ماڻهو پنهنجي ڪردار ۽ گفتار جي ڪري پرکيا ويندا آهن. اسان وٽ ڪردار جا غازي آهن ڪونه. پر گفتار جا غازي هر هنڌ ملندا. گفتار جي غازين کان ئي بچڻ گهرجي. گفتار جا غازي ئي ٻوڙي سياست ڪن ٿا ۽ گفتار جا غازي عملدار گونگا بڻجي وڃن ٿا. ساٿ سلامت سنڌ سلامت