ٻوڏ ۾ ڇا ٿيو ۽ ڇا ڪيو ويو؟

0
292
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

 دادو مان فتاح شيخ لکي ٿو

نيٺ اهو ئي ٿيو جنهن جا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا ته جيڪڏهن بلوچستان کان آيل ٻوڏ جي پاڻي کي رستو نه ڏنو ويو ته پاڻي وڌيڪ تباهي مچائيندو. اهڙي صورتحال ۾ باغ يوسف کان ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ کي 100 فوٽ جو ڪٽ ڏنو ويو پر منڇر ۾ پاڻي سطح گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳي. منڇر کي ٻيو ڪٽ ڪوڏرن ذريعي آر ڊي 52 وٽان ڏنو ويو، جنهن جي باوجود منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي نه آئي ۽ نيٺ منڇر جي زيرو پوائنٽ ڀرسان ايم اين وي ڊرين کي گهارو پئجي ويو جيڪو ڏسندي ڏسندي سوين فوٽن جو ٿي ويو آهي ۽ گهاري واري هنڌان ايم اين وي ڊرين جو وڏو وهڪرو سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي. زيرو پوائنٽ ڀرسان ايم اين وي ڊرين جي بند مان پيل گهاري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي لوڏي ڇڏيو آهي. وڏي وزير پنهنجي ڳوٺ واهڙ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ رنگ بند ٻڌڻ سان گڏ رنگ بند کي مٽي جي ٻاچڪن سان مضبوط ڪيو پيو وڃي.

زيرو پوائنٽ جي ڀرسان ايم اين وي ڊرين ۾ پيل گهاري کان اڳ خانپور ڀرسان ڪاري موري وٽ ايم اين وي ڊرين تي پاڻي جو وڏو دٻاءُ پيدا ٿي ويو، ڪاري موري کي پاڻي جي وهڪري، پل جي روڊ ۽ پلر کي وڏو نقصان رسائڻ سان گڏو روڻيون پيون، سوين ڳوٺاڻن ۽ انتظاميا هيوي مشنري گهرائي وڻن، مٽي ۽ پٿرن جو ڀراءُ ڪري روڻيون بند ڪري ايم اين وي ڊرين جي بند کي لڙهڻ کان بچائي ورتو. پر خانپور جي ڪاري موري کان منڇر جي زيرو پوائنٽ تائين ايم اين وي ڊرين مان گذرندڙ پاڻي جي وهڪري ۾ ٻن فوٽن تائين رڪارڊ واڌ سبب مسلسل دٻاءُ وڌڻ ڪري ڪڪڙ، در محمد ابڙو، بي ايڇ پي ڪمپني آڏو، کير موري، ڪمال خان موري ۽ راڌاڻي پل کان منڇر جي زيرو پوائنٽ تائين ايم اين وي ڊرين تي پاڻي جي دٻاءُ سبب ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر دادو لاءِ پڻ خطرا پيدا ٿي ويا. اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ دادو ضلع جي لکين ماڻهن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو. اهڙين ڏکين حالتن ۾ جس لهڻن اهي ڳوٺاڻا جن خانپور جي ڪاري موري کان ڪمال خان موري تائين دادو ۽ ڀان سعيد آباد واري پاسي کان نه رڳو ايم اين وي ڊرين جي بند کي ڪمزور هنڌن تي پنهنجي مدد پاڻ تحت مٽي جي ٻاچڪن ساب ڀراءُ ڪندا رهيا پر بندن تي رات ڏينهن پهرو ڏيندا پيا اچن. پر ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر دادو تان اڃا خطرو ٽريو ناهي، ان جو مک سبب اهو به آهي ته اڃا تائين قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي مان بلوچستان جي ٻوڏ وارو پاڻي وڏي مقدار ۾ اچڻ سان گڏ ميهڙ، ڪي اين شاھ ۽ جوهي تعلقن جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙيندڙ پاڻي جي سطح ايم اين وي ڊرين جي وهڪري سان برابر ٿي وهي رهي آهي جنهن ڪري ايم اين وي ڊرين تي نه رڳو پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي پر پاڻي سطح ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي.

بلوچستان کان آيل پاڻي جي وڏي وهڪري قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي ۾ تباهيون مچائڻ کان پوءِ دادو جي ضلعي ۾ داخل ٿيو ته ڌامراھ واھ، جوهي بئراج ۽ منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏيڻ جي معاملي تان پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن وچ ۾ تڪرارن ڪر کنيو. ڌامراھ کي ڪٽ ڏيڻ کانپوءِ جوهي بئراج کي ڪٽ ڏنو ويو پر ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ته ٻوڏ جي پاڻي کي رستو ڏيڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ ڏيڻ جو مطالبو ٿيڻ لڳو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ منڇر کي ڪٽ ڏيڻ کان انڪار ڪندي آن رڪارڊ دعويٰ ڪئي ته منڇر جا بند مضبوط آهن. 26 فوٽ سطح تائين منڇر ۾ پاڻي جي گنجائش آهي، ان ڪري منڇر کي ڪٽ نه ڏنو ويندو. وڏي وزير ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ دادو شهر جي ٻڏڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ۽ شهر کي رنگ بند ڏيڻ جي ڳالھه ڪرڻ تي دادو شهر مان 30 سيڪڙو سرندي وارا شهري ڪراچي حيدرآباد لڏ پلاڻ ڪري ويا، وڏي وزير جي اهڙي زباني ڳالهه کانپوءِ دادو جي لکين ماڻهن کي اها پڪ ٿي وئي ته سنڌ حڪومت هٿ وٺي دادو شهر کي ٻوڙائڻ چاهي ٿي. نه رڳو اهو پر جڏهن تعلقه هيڊڪواٽر ڪي اين شاھ شهر ٻيو ڀيرو ٻڏو ته شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لاءِ ٽرانسپورٽ به نه ڏني وئي. عورتون، مرد، معصوم ٻار هيڏي هوڏي دانهون رڙيون ڪندا ڊوڙندا پئي وتيا، جڏهن ميهڙ ۽ جوهي شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو وڌيو ته اتان جا شهري پنهنجا شهر بچائڻ لاءِ رنگ بند ڏئي اڃا تائين پنهنجن شهرن کي بچايو ويٺا آهن. ڪالھه جڏهن منڇر جي زيرو پوائنٽ کان ايم اين وي ڊرين کي گهارو لڳڻ کان اڳ ئي ڄامشورو انتظاميا جا بينر لڳل لاتعداد وينون، مزدائون ۽ ٽرڪون ماڻهن کي ڳوٺن مان مختلف هنڌ تي قائم ڪيل ٽينٽ سٽي منتقل ڪري رهيا آهن، ڪئمپن ۾ اڳواٽ ٽينٽ لڳل هئا ۽ واهڙ کي بچائڻ لاءِ رنگ بند ڏنو ويو آهي، اتي اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا سيد مراد علي شاھ سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي يا صرف پنهنجي تڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي ؟