ٻوڏ وقت بيحسي جي سياست مان فائدو ڪنهن جو؟

0
228
ڇا عمران خان لانگ مارچ تي حملي جي جاچ ڪرائڻ چاهي ٿو ؟

 ملڪ اندر ٻوڏ تباهين جا تفصيل اچڻ جو سلسلو اڃا جاري آھي. بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب صوبن ۾ ٻوڏ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ  گڏيل سروي شروع ٿي وئي آھي پر سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ سبب ڪيترو نقصان ٿيو آھي بابت گڏيل سروي به شروع نه ٿي سگهي آھي. ڇو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر اڪثر علائقن ۾ اڃا پاڻي بيٺل آھي جنهن جي نيڪال ٿيڻ بعد ئي سروي ٽيمون سرزمين تي اچي سروي شروع ڪري سگهنديون. ڀلي سنڌ ۾ سروي اڃا شروع نه ٿي سگهيو آھي پر ٻوڏ متاثر ضلعن جي انتظاميه پاران نقصانن بابت هر روز انگ اکر سامهون اچن ٿا جيڪي ٻڌائي رهيا آھن ته سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوڏ سبب سنڌ صوبي ۾ جاني توڙي مالي نقصان وڌيڪ ٿيو آھي. مثال طور 20 سيپٽمبر تائين ملڪ اندر ٻوڏ سبب ڪل 1569 شهرين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي، جن ۾ اڪيلي سنڌ صوبي جا 701 ڄڻا شامل آهن.

                 ڳالهه ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي ٿي رهي آهي ته اهو به ٻڌائيندو هلان ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿيل 701 شهرين ۾ سڀ  کان وڌيڪ تعداد ۾ ٻارڙا فوت ٿيا آهن، جن جو تعداد 293 آهي. جڏهن ته 277 مرد ۽ 171 عورتون فوتين ۾ شامل آهن. ملڪ ۾ ڪل 12 هزار 716 ڪلوميٽرن تائين روڊ تباهه ٿيا آهن، جن ۾ رڳو اڪيلي سنڌ صوبي اندر 8 هزار 369 ڪلوميٽر تباهه ٿيل روڊ شامل آهن. ملڪ اندر ڪل 20 لک گهر جزوي توڙي مڪمل طور تي تباهه ٿيا آهن، جن ۾ رڳو سنڌ صوبي اندر 17 لک 76 هزار گهر تباهه ٿيا آهن. ٻوڏ سبب 20 سيپٽمبر تائين ڪل 3 ڪروڙ 30 لک 46 هزار شهري متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جن ۾ رڳو سنڌ صوبي اندر هڪ ڪروڙ 45 لک 63 هزار 770 شهري شامل آهن. سرڪاري رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 2 لک 90 هزار 187 چوپايو مال، 48 لک 60 هزار 259 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيڻ کان علاوه 72 لک 48 هزار شهري بي گهر ٿيا آهن. سنڌ ۾ ٻوڏ تباهين جا مٿي ڄاڻايل انگ اکر ان ڪري به ڄاڻايا آهن جو سرڪاري انگن اکرن سان اهو واضح ڪري سگهجي ته سنڌ صوبي اندر ٻوڏ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ڪئي آهي. جيڪي انگ اکر مٿي ڄاڻائي آيو آهيان اهي هڪ ڀيانڪ تباهي جي منظر ڪشي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. ايڏي ڀيانڪ تباهي جي ازالي لاءِ اوترائي غير معمولي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي پر ابتدائي طور تي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل پاران ريسڪيو ۽ رليف لاءِ جيڪا 16 ڪروڙ ڊالرن جي فراهمي لاءِ دنيا جي ملڪن کي اپيل ڪئي وئي هئي ان اپيل تحت اڃا 16 ڪروڙ ڊالر جي به گڏ نه ٿيڻ جا اطلاع آهن. نه رڳو ايترو پر وزيراعظم شهباز شريف پاران ٻوڏ رليف فنڊ قائم ڪيو ويو هو، ان اڪائونٽ ۾ ڪيتري رقم آئي آهي ان بابت سرڪاري طور تي اڃا تائين ڪا به پڌرائي يا معلومات سامهون نه اچي سگهي آهي. ائين پرڏيهي ملڪن مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ سامان کڻي ايندڙ جهازن جو تعداد ته روزانو ٻڌايو وڃي ٿو پرڏيهي وزارت پاران 21 سيپٽمبر تي جاري ڪيل تفصيلن مطابق 28 آگسٽ کان 21 سيپٽمبر تائين ڪل 119 جهاز رليف سامان کڻي پاڪستان پهتا آهن، ان کانسواءِ ترڪي مان 2 ٽرڪون، ٻه ٽرينون، تاجڪستان مان 87 ٽرڪون ۽ اومان مان هڪ شپ به امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتو آهي، پرٽرڪ، جهاز، ٽرينن تي آيل سامان ۾ ڪهڙو ڪهڙو امدادي سامان آهي، ڪيتريون دوائون آهن انهن جا به تفصيل مڪل طور تي سرڪاري سطح تي جاري نه ٿي سگهيا آهن.

مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترو نقصان ٿيو آهي ان جي گڏيل سروي اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي، ان  ڪري نقصانن جو مڪمل ڪاٿو اڃا تائين ڪنهن کي معلوم ناهي. پر ابتدائي طور تي سڪاري سطح تي 12 ارب ڊالرن جي نقصان ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو پر اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب نقصان جي ڪاٿي بابت 30 ارب ڊالرن تائين جي ڳالهه ڪري چڪو آهي. هن وقت تائين ٻوڏ متاثر ان آس ۽ اميد ۾ آهن ته ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ کان پوءِ ۽ سروي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سرڪار انهن جي ٻيهر بحالي لاءِ ضرور جوڳا قدم کڻندي. پر موجوده معاشي صورتحال ۾ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن کي گهرن جي تعمير لاءِ مناسب رقم يا فصلن جي تباهي کان پوءِ ٻيهر فصل پوکڻ لاءِ ڪا مناسب مالي امداد فراهم ڪرڻ جو عمل سواليه نشان بڻيل آهي. ڏسجي ته موجوده معاشي صورتحال ۾ سرڪار ٻوڏ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺل ڪروڙين ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪهڙو پيڪيج  سامهون آڻي ٿي! افسوس سان اهو چوڻو پئجي رهيو آهي ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي اگر ڏسجي ٿو ته ان مان ائين بلڪل به ائين نه لڳي رهيو آهي ته هن وقت ملڪ جو ڪو سڀ کان وڏو مسئلو ٻوڏ جي تباهي ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي آهي. پر ائين لڳي رهيو آهي ته سياسي ڌريون پنهنجي سياسي مفادن لاءِ ٻوڏ تباهين کي پسمنظر ۾ رکي پنهنجي سياسي ايجنڊا جي هدفن کي حاصل ڪرڻ  لاءِ ڪنهن حد تائين به وڃڻ لاءِ تيار آهن. ايتري تائين جو تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي ٿيل ٻوڏ تباهين جو چڱي ريت علم آهي پر ان باوجود هو رڳو ٻوڏ سبب تباهه ٿيل ماڻهن جي بحالي واري مامري تي فوڪس ڪرڻ بجاءِ اهو اعلان ڪري چڪو آهي ته هلندڙ مهيني سيپٽمبر جي آخر تائين حتمي ۽ آخري احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو. پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اهو به واضح ڪري چڪا آهن ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ئي لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪرڻ جو پي ٽي آءِ ارادو رکي ٿي. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر توڙي ايندڙ مهيني دوران ملڪ ۾ سياسي صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿيڻ وڃي رهي آهي، ڇو ته پي ٽي آءِ هن مهيني جي آخر ۾ اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ ائين وفاقي حڪومت ان لانگ مارچ کي روڪڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن، ان لاءِ هزارن جي تعداد ۾ ايف سي، رينجرز سوڌو صوبائي حڪومتن کان پوليس به گهري وئي آهي. بظاهر ته اهو لڳي رهيو آهي ته جيستائين نومبر مهيني ۾ اهم عهدي تي مقرري وارو عمل مڪمل نه ٿيندو تيستائين سياسي ڇڪتاڻ وارو ماحول ختم ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. بلڪه اهي واضح طور تي اشارا ملي رهيا آهن ته ايندڙ مهيني دوران سياسي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ڇو ته اهي ڳالهيون به ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن ته پنجاب حڪومت جي تبديلي جو امڪان آهي ڇو ته اگر پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي ناڪام بنائڻو آهي ته پنجاب مان پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو خاتمو ضروري آهي، ڇو ته اگر پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ وٽ رهي ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي قافلن  کي راولپنڊي جي فيض آباد تائين روڪڻ وفاقي حڪومت لاءِ مشڪل عمل هوندو ۽ اگر هزارين ماڻهو پي ٽي آءِ فيض آباد تائين آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ته پوءِ هزارين ماڻهن کي اسلام آباد طرف وڌڻ کان روڪڻ به وفاقي حڪومت لاءِ ناممڪن مامرو ڀلي نه هجي پر مشڪل عمل ضرور ٿي ويندو.

بظاهر اهو به لڳي رهيو آهي ته هي سياسي ڇڪتاڻ نومبر ۾ ٿيندڙ اهم عهدي تي مقرري تائين گهٽجڻ مشڪل آهي. ان جو اشارو عمران خان جون تقريرون به ڏئي رهيون آهن جنهن ۾ عمران خان اهو به چئي چڪو آهي ته موجوده آرمي چيف کي ايڪسٽينشن ڏني وڃي ۽ نئين آرمي چيف جي مقرري نئين عام چونڊ بعد چونڊيل حڪومت کي ڪرڻ گهرجي. عمران خان جي اها ڳالهه موجوده سياسي ڇڪتاڻ جي پسمنظر کي واضح ڪري رهي آهي ۽ اهو ٻڌائي رهي آهي ته موجوده ڇڪتاڻ جو مقصد ۽ مطلب ڇا آهي؟ اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ٿيل تباهي تي حيران ۽ پريشان آهي، پر افسوس سان اهو به چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان جا سياستدان اوترو به پريشان ۽ فڪرمند نظر نه اچي رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اهڙي وقت ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ سرگرم نظر اچن ٿا جنهن وقت ۾ سمورو ڌيان ۽ توانائي ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي هجڻ گهرجي. پر ڪروڙين ماڻهن جي زندگي جو سمورو سرمايو ٻوڏ جي نظر ٿيڻ باوجود بي حسي جي انتها اها آهي جو اها تباهي سياسي ڌرين کي پنهنجي سياسي ايجنڊا تان هٽائي نه سگهي آهي. ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ڇا دنيا کان ٻوڏ متاثرن  جي بحالي لاءِ امداد وٺي سگهبي؟ سياسي ڇڪتاڻ ۾ ڇا ملڪي معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون؟ انهن سوالن جو جواب انڪار ۾ آهي. سياسي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ نه معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون نه ئي ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي مڪمل ڌيان ڏئي سگهجي ٿو. اگر معاشي حالتون موجوده صورتحال واريون رهن ٿيون ته پوءِ جيڪي ٻوڏ جي تباهي کان شهري بچي به ويا آهن انهن کي به مهانگائي جي راڪاس کان بچائي نه سگهبو ۽ اهي مهانگائي سبب پيڙهجندا رهندا، کين ڪو رليف ملڻ جو امڪان نظر نه ٿو اچي، جيئن طاقتور ڌرين خلاف تاريخ ۾ هنن ٽن چئن سالن دوران وڌ ۾ وڌ جلسن جلوسن ۾ ڳالهائڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو آهي، ائين سياسي ڌرين جي بي حسي جي انتها جو به هنن ٽن چئن سالن ۾ جيڪو رڪارڊ قائم ٿيو آهي. اهڙي بي حسي ملڪي تاريخ ۾ شايد ڪڏهن  ملي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سياسي ڌرين کي ان جي ڪا پرواهه ناهي ۽ اهي اهو سمجهي رهيون آهن ته سياسي ايجنڊا لاءِ ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ وارو ماحول قائم ڪرڻ سان به عوام ان عمل کي برو نه سمجهندو. اهو ئي سبب آهي ته ايندڙ مهيني دوران ملڪ اندر نئين سياسي جنگ جي صورتحال پيدا ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

عمران خان لانگ مارچ جي احتجاجي سڏ کي آخري احتجاجي سڏ قرار ڏئي رهيو آهي. ڏسجي ته عمران خان پنهنجي احتجاجي حڪمت عملي ذريعي ڪاميابي ماڻي ٿو يا موجوده حڪمران اتحاد عمران خان جي احتجاجي حڪمت عملي کي ناڪام بنائي ٿو. ٻنهي مامرن مان نتيجو ڪهڙو به نڪري پر ٻنهي نتيجن مان عوام جو فائدو گهٽ سياسي ڌرين جو فائدو ۽ نقصان وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي.