حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاھري، عمرہ سمون ۽ حسنه راھوجو پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جي عوام دشمن حڪمرانن ڳاٽي ٽوڙ مھاانگائي ۽ ھٿرادو ٻوڏن ذريعي ماڻھن جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته هاڻي وري اٽو مھانگو ڪري ماڻھن کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آھي. هنن چيو ته اٽو 120 رپيا في ڪلو ٿيڻ بعد غريب ماڻھو ھڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي ته اٽو سستو ڪرڻ سان گڏ بي پھچ ماڻھن تائين شفاف نموني راشن به پھچايو وڃي ته جيئن هو ٻارن کي پيٽ ڀري ماني ڳڀو کارائي سگهن. هنن اهو به مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثر ڳورھاري عورتن جي چيڪ اپ لاءِ ڊاڪٽرياڻين ۽ نرسن جي اسپيشل ٽيم جوڙي وڃي ته جيئن ڳورھاري عورتن جو بھتر نموني علاج ٿيڻ سان گڏ کين گھربل کاڌ خوراڪ فراهم ٿي سگهي.