ٻوڏ متاثر ٿڌ ۾ اجهن لاءِ سرڪار جي آسري

0
281
سرحدن تي ڇڪتاڻ ۽ حملا مڪمل بند ڪرايا وڃن

سنڌ ۾ هن وقت جيڪڏهن ڪو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي ته اهو ٻوڏ متاثرن جو آهي جيڪي اڃا تائين بحالي جي انتظار ۾ ويٺا آهن سندن مڪمل بحالي ته شايد ممڪن ئي نه ٿئي پر  جيڪڏهن انهن جي رڳو کاڌ خوراڪ، طبي امداد ۽ ڇت جو عارضي بندوبست ٿي وڃي ته به  هنن حالتن ۾ ڄڻ انهن لاءِ غنيمت هوندو، ڇاڪاڻ ته سرديون وڌڻ ڪري هن وقت روڊن رستن ڪيمپن ۽ بنا ڇت جي ويٺل ٻوڏ متاثرن جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي،جيستائين ٿڌ ۾ واڌ نه ٿي هئي ته متاثرن کي رڳو کاڌ خوراڪ جي پريشاني هئي پر ٿڌ وڌڻ کانپوءِ انهن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻ ۽ خاص ڪري ننڍن ٻارن ۽ بزرگن کي سيءَ کان بچائڻ بڻجي ويو آهي. جڏهن ته چوڌاري پاڻي بيٺل هجڻ ڪري به بيماريون انهن لاءِ وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪري رهيون آهن پر حڪومت يا انتظاميا نالي ڪا شيءَ انهن جي مدد لاءِ ههڙين حالتن ۾ به اڳيان اچڻ لاءِ تيار ناهي. دعوائون ته وڏيون وڏيون ڪيون ٿيون وڃن پر سرزمين تي ڪم انهن دعوائن جي ابتڙ آهي ۽ متاثرن کي ڪجهه ملندي نظر نه ٿو اچي.

برساتي ٻوڏ سبب جڏهن لکين ماڻهو متاثر ۽ بي گهر ٿيا ته سڀ کان وڌيڪ مطالبا اهي ڪيا پئي ويا ته جيترو جلد ٿي سگهي ته علائقن مان پاڻي جو نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن اهي متاثر ماڻهو پنهنجي کاڌ خوراڪ جو پاڻ بندبست ڪري سگهن ۽ اجها اڏي سگهن ڇاڪاڻ ته هڪ ته انتظاميا جي ڪارڪردگي ۽ انهن جي ڪم جي طريقيڪار جو سڀني کي اندازو هو ته اهي ڪيئن ڪم ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن سرديون اچي ويون ته انهن ٻوڏ متاثرن کي بنا اجهن جي تمام گهڻي تڪليف ٿيندي ۽ گهڻيون جانيون ٿڌ ۽ بيمارين جي ڪري ضايع ٿي سگهن ٿيون. پر  سرڪار جلد کان جلد پاڻي نيڪال ڪرڻ جون دعوائون ته ڪندي رهي پر سرزمين تي انهي پئماني تي پاڻي نيڪال جون  ڪوششون نظر نه آيون.هن وقت اها صورتحال آهي جو لکين ٻوڏ متاثر اڃا تائين بنا گهرن جي روڊن رستن تي ڪيمپن ۾ گذارو ڪري رهيا آهن.رڳو  ڪاڇي جي هڪ ڳوٺ مان ٽن مهينن دوران 30 کان وڌيڪ ماڻهو مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ گذاري وڃڻ جون خبرن ميڊيا تي اچي چڪيون آهن پر صحت کاتو اڃا تائين اکيون ٻوٽي ستو پيو آهي. جڏهن ته پاڻي بيٺل هئڻ ڪري مڇرن ۾ واڌ سبب مليريا،ڊينگي ۽ پيٽ جون بيماريون ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ عام جام آهن ۽ اتي وري انهن بيمارين کان بچاءُ لاءِ نه سرڪاري ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن نه ئي اتي موجود سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻهن کي ڪي علاج جون سهولتون ملي رهيون آهن،جنهن ڪري هر وقت اهو خطرو رهي ٿو ته ٿڌ ۾ وڏي پئماني تي واڌ سبب ڪو وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو.سنڌ سرڪار توڙي جو ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي جو ڪم شروع ڪيو آهي پر اهو ايترو ته سست رفتاري سان هلي رهيو آهي جو نظر نه ٿو اچي ته هن سياري دوران انهن متاثرن کي گهرن جي رقم ملي سگهندي جو هو ڪو ڪمرو ڪا ڪوٺي ٺهرائي پنهنجي خاندن جي ڀاتين کي هن ٿڌ کان بچائڻ جو بندوبست ڪري سگهن.

اسان سمجهون ٿا ته هي ٻه کان ٽي مهينا ٻوڏ متاثرن ۽ انهن جي بحالي لاءِ انتهائي اهم آهن،جيڪڏهن انتظاميا انهي رفتار سان ڪم ڪندي رهي ته ٽن مهينن ۾ به انهن ٻوڏ متاثرن کي گهرن ٺهرائڻ لاءِ امدادي رقم نه ملي سگهندي.تنهن ڪري سرڪار انتظاميا کي پابند ڪري ته جيئن وقت سر اها رقم متاثرن کي ملي سگهي ۽ اهي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ اجهن جو بندوبست ڪري سگهن.