اسلام آباد (م ڊ) منصوبا بندي جي وفاقي وزير احسن اقبال اپيل ڪندي چيو هي ته يونيورسٽيز جو هر شاگرد ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي خوراڪ لاءِ هڪ نيوٽريشن بيگ تيار ڪري، هيڪ ذريعي سمورين يونيورسٽين جي وي سيز کي هدايتون جاري ڪيون وينديون ته اهي پنهنجي يونيورسٽيز جي سمورن شاگردن کي اهو ٽاسڪ ڏين ته شاگرد پنهنجي کيسي مان يا ماڻهن جي مدد سان اهو ڪم ڪري سگهن ٿا جيئن فوري طور اهڙا 20 لک ٿيلها تيار ڪيا وڃن، حڪومت جلد تفصيل ۽ هدايتون جاري ڪندي.