حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ستار رند پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته ان کان وڌيڪ ڪا انڌير نگري نٿي ٿي سگھي ته ٻوڏ متاثر بي يارومددگار کليل آسمان ھيٺ روڊن جي ڪنارن تي موجود آھن جن جي رھائش، کاڌ خوراڪ ۽ علاج جا ذميوار سمورا ڊي سي آھن پر ڪٿي به سرڪاري عملو نظر نٿو اچي جنهن ڪري ٻوڏ متاثرن جي صورتحال انتھائي خراب ٿيندي پئي وڃي. هنن چيو ته ڪئمپن ۾ موتمار بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جا لاش ملي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ماڻھن وٽ ڪئمپن سميت روڊن تي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي.