ڪراچي (نمائندن وٽان) برسات متاثرن کي بيماريون وڪوڙي ويون، ڀاءُ ڀيڻ ۽ پيءُ پٽ سميت 31 ڄڻا فوت، فوتين ۾ 16 ٻارڙا ۽ 3 عورتون شامل، ڪيترائي اسپتال ڀيڙا، جروار ۾ ايمرجنسي لاڳو، خبر موجب جروار ويجهو يارو لنڊ جي علائقي ڳوٺ مراد لنڊ ۾ 5 سالن جي ستاره لنڊ مقامي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، ٽن هفتن دوران مليريا سبب فوتين جو تعداد 14 ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي ڊي ايچ او ڊاڪٽر باقر يوسف هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي جروار جي متاثر ڳوٺن مير خان گبول، محمد مراد گبول ۽ نبي بخش گبول ۾ هيلٿ ايمرجنسي  لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ صحت کاتي جون 2 ٽيمون ضروري دوائن سميت ڄاڻايل علائقن ۾ 18 کان 20 سيپٽمبر تائين متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪنديون، ڏهرڪي جي هڪ نجي ڪلينڪ ۾ ٻن سالن جو سلام پنهيار مليريا سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو، جڏهن ته مليريا سميت بخار جون دوائون پڻ اسٽورن تان اڻلڀ ٿي ويون آهن، صالح پٽ لڳ ڳوٺ شھباز ڏنو کورکاڻي ۾ 5 سالن جو  محفوظ علي ۽ 3 سالن جي حسينا کورکاڻي، ڳوٺ ورو ڀنڀرو ۾ 12سالن جو ضمير شيخ مليريا وگهي فوت ٿي ويا پنوعاقل جي تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي غير موجودگي ۾ مليريا وگهي 8 ورهين جي رحيمان ۽ 50 ورهين جو امداد انڍڙ فوت ٿي ويا، فيض گنج  جي ڳوٺ ڏتو لاشاريءَ ۾ 3 معصوم ٻار 5 ورهين جي سيما لاشاري، 3 سالن جي گل راڻي ۽ 6 ورهين جو اعجاز لاشاري گيسٽرو سبب فوت ٿي ويا، علائقي ۾ گيسٽرو وگهي هن وقت تائين 26 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، فريدآباد ڀرسان ڳوٺ مٿين موجھڙ واسي پورھيت سيف الله چانڊيو  تيز بخار سبب فوت ٿي ويو، ٻئي طرف ڳوٺ بھادرپور ۾ عورت صغريٰ چانڊيو گيسٽرو  وگھي فوت ٿي وئي، نوشهروفيروز ضلعي ۾ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي، 6 سالن جو آصف ڪوري، رحيمان سولنگي، ڌڻي بخش ڪلهوڙو ۽ نويد مڱڻهار فوت ٿي ويا، دولتپور صفن ۾ پنھنجي اخبار جي عيوضي پيرل پلي جي 30 ورھين جي ڀيڻ مليريا وگھي نوابشاهه اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، پڊعيدن جي بوائز هاءِ اسڪول ۾ پيرسن عورت شمع زال علي حسن راڄپر  فوت ٿي وئي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڪيئمپ ۾ صاف پاڻي نٿو ملي، جنهن ڪري بيمارين منهن ڪڍيو آهي، اڏيرولال اسٽيشن جي ڳوٺ هاشم ھنڱورو ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، فوتين ۾  65 ورهين جو خداڏنو ھنڱورو، سندس پٽ 30 ورهين جو  منٺار علي ھنڱورو ۽ 50 ورهين جو   شير خان شامل آهن، جڏهن ته ڳوٺ ۾ 25 ڄڻا گيسٽرو ۾ مبتلا آهن، سيتاروڊ ڀرسان ڳوٺ نظام آباد ۾ 10 ورهين جو اويس ۽ سندس 13 ورهين جي ڀيڻ اربيلي رند گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، دوداپور ۾گيسٽرو ۽ بخار سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڳوٺ محمد صالح لاشاري ۾ گيسٽرو سبب 6 ورهين جو محمد عثمان لاشاري، ڳوٺ علي آباد جيلاني ۾ 11 ورهين جو علي خان ڪٽوهر ۽ ڳوٺ صوبو ڪٽوهر واسي پيرسن ٿنگئي ڪٽوهر فوت ٿي ويو، راڌڻ جي جوڳي محلا واسي 3 ورھين جي شھزادي جوڳي گيسٽرو وگهي دم ڏنو، ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ پراڻو ديرو واسي 75 ورهين جو شيرل ڀٽي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، ڀرياروڊ جي گاڏي کاتي محلي ۾ ٻن سالن جي فائزهه ملاح فوت ٿي وئي، ڳڙهي خيرو تعلقي اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر محمود رياض منگي مليريا ۾ مبتلا ٿي ويو، اسپتال ۾ مريضن جي علاج دوران ايم ايس بيھوش ٿي ڪري پيو، نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ راضي خان کوسو جي رهواسي 5 سالن جي امينا ڌيءَ نور محمد کوسو مليريا بخار سبب اکين جي نور کان محروم ٿي وئي، نينگري جي پيءُ نور محمد جو چوڻ آهي ته بخار بعد معصوم نياڻي اکين جي نور کان محروم ٿي وئي آھي، هوڏانهن  قصبو ڀرسان  ڳوٺ نبو برھماڻي جو رھواسي 8 ورھين جو نينگر علي ولد وارث برھماڻي ۽  ڳوٺ راڄو ديرو جو رھواسي 3 ورھين جو علي حسن ولد محب علي چانڊيو مليريا وگهي فوت ٿي ويا.