ٻوڏ متاثرن سان واعدا وفا نه ٿيا ته وفاقي وزارتون ڇڏي ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

0
299

ٻوڏ متاثرن سان واعدا وفا نه

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران آدمشماري تي تحفظات ظاهر: ٻوڏ متاثرن سان ڪيل واعدا وفا نه ٿيڻ تان  وفاقي وزارتون ڇڏڻ جو چتاءُ،  ان حوالي سان ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي  برسات متاثر آبادگارن ۾ ڪڻڪ جي پوکيل في ايڪڙ تي ٻِج سبسڊي اسڪيم هيٺ 5000 رپيا ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري پاران وزيراعظم کي اشارو ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر آبادگارن سان وفاق پاران ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا ته اسان وفاقي وزارتون ڇڏي ڏينداسين

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ڪمپيوٽر جو بٽڻ دٻائي ”ٻج جي سبسڊي پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن سان  12 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ ننڍن آبادگارن ۽ هارين ۾ 5000 رپيا في ايڪڙو ورهائڻ واري عمل جي شروعات ٿي وئي، سنڌ حڪومت سبڊي جي ادائگي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) کي 8.39 ارب رپيا منتقل ڪري ڇڏيا آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ متاثر آبادگارن جي مالي سهڪار لاءِ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا،  اهي اڃا تائين پورا ناهن ٿيا، اهي واعدا وفا نه ٿيڻ جي صورت ۾  اسان لاءِ وفاقي وزارتون رکڻ ڏکيو بڻجي ويندو، اسان کي  اميد آهي ته وزيراعظم پاران اسان جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو، وفاق کي ٻج تي اڌ ( 50 سيڪڙو ) سبسڊي ڀرڻ وارو پنهنجو واعدو  پورو ڪري 4.7 ارب ڏيڻا پوندا، آئون ڪابينا ۽ قومي اسمبلي ۾ اهو مامرو اٿاريندس

هن چيو ته اسان جو سڄو فوڪس ٻوڏ متاثر جي بحالي تي هجڻ گھرجن پر ميڊيا جو ڌيان ٻوڏ متاثرن بجاءِ سياسي ڪوئن تي آهي، ميڊيا سڄو ڏينهن سياسي ڪوئن کي ڏيکاري ٿي،  هن چيو ته اسان 2018  واري اليڪشن کان اڳ ۾ ئي چيو هو ته اسان 2017ع واري آدمشماري کي ان شرط تي قبول ڪريون ٿا ته 5 کان 10 سيڪڙو چارجز تي ٻيهر  آدمشماري ڪرائي ويندي، اسان کي  بار بار چيو ويو ته آدمشماري درست طريقي سان ڪرائي ويندي پر اليڪشن ويجھو ايندي ئي نئين ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي پئي وڃي، هن چيو ته اسان آدمشماري جي حمايت ڪريون ٿا پر  سنڌ جي عوام ۽ اسان کي  ڊجيٽل آدمشماري تي اعتراض آهن، هتي جيڪو طريقڪار اختيار ڪيو ويو آهي، انهي جي حمايت نٿا ڪري سگهون، وفاق اعتراضن جو ازالو نه ڪيو ته پ پ وفاق جو ساٿ نه ڏيندي، هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير شماريات کاتي کي پنهنجا اعتراض اماڻيا آهن ته پيپلز پارٽي کي ڊجيٽل سينسز قبول ناهي، هن چيو ته آئون وفاق سان ڳالهائيندس، ڊجيٽل آدمشماري ۾ بي ضابطگيون ٿيون ته نه مڃينداسين   هن چيو ته اسان اڳ به شڪايت ڪندا رهيا آهيون  ته صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت حق نه ٿا ملن

هن چيوته اسان جو پورو فوڪس عوامي مسئلن تي آهن، سنڌ جا آبادگار ۽ هاري سخت پريشان آهن، برساتي ٻوڏ سبب زراعت واري شعبي کي ڪاپاري نقصان رسيو آهي، جنهن جا اثر اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون، هن وقت زرعي معيشت کي سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري نه ڪنداسين ته پاڪستان زرعي مُلڪ ڪيئن رهندو؟

هن چيو ته آئون  اهي ڳالهيون هوائي ڳالهيون نه پيو ڪريان، صدر زرداري پنهنجي دور ۾ ننڍن آبادگارن جي واهر ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان چانور، ڪڻڪ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪندا هئاسين، هن چيو ته سنڌ پهريون صوبو هو،  جنهن ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو، هن چيو ته دنيا ۾ معاشي بحران آهي پر پاڪستان ۾ پنهنجو بحران آهي، مُلڪ جون معاشي حالتون بدتر ٿينديون پيون وڃن، ملڪ جو وڏو مسئلو مهانگائي آهي، امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، اسانجو مقابلو ڪنهن سليڪٽر سان نه پر معيشت ۽ بيروزگاري سان آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته  معاشي بحران کي حل ڪريون

نوٽ: هي خبر اڄ جي پنهنجي اخبار ۾ لڳي

هي به پڙهندا

وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي اتفاق سان رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد نيب چيئرمين مقرر